ڪراچي: واٽر بورڊ ملازمن جي نياڻين، پٽن ۽ بيواهن ۾نوڪرين جا آفر آرڊر تقسيم
ڪراچي(رپورٽر) نوڪري دوران وفات ڪندڙ واٽر بورڊ ملازمن جي نياڻين، پٽن ۽ بيواهن کي ھڪ کان يارھين گريڊ تائين سندن تعليمي قابليت مطابق مستقل بنيادن تي روزگار جا آفر آرڊرز جاري ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ تقريب ايم سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقد ڪئي ويئي جڏهن تہ تقريب جو خاص مهمان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر / مينيجنگ ڊائريڪٽر واٽر بورڊانجنيئر سيد صلاح الدين احمد ھو، تقريب جي موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ چيو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي ذاتي دلچسپي ۽ سندن اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري الحمدالله واٽر بورڊ انتظاميا اڄ اھم ڪاميابي ماڻيندي نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي وارثن کي شفاف طريقي سان مستقل روزگار ڏيڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، هن چيو آئون صوبائي وزير جو ٿورائتو آهيان جنهن ملازمت دوران فوت ٿيندڙ واٽر بورڊ ملازمن جي وارثن کي مستقل روزگار فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن جو چوڻ هو تہ وڏي وزير ۽ صوبائي وزير جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ کي مثالي ادارو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سهڪار سان نون ملازمن کي تربيت ڏني ويندي، سي اي او واٽر بورڊ نون ملازمن مخاطب ٿيندي چيو تہ اوهان سڀني کي گھڻي محنت ڪرڻي پوندي ڇو تہ اوهان جو مستقبل واٽر بورڊ سان ڳنڍيل آهي، هن وڌيڪ چيو تہ انشاءَ الله مستقبل ۾ ملازمن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ وڌيڪ موثر قدم کڻندي ملازمن کي سموريون بھتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون، تقريب ۾ ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي ساجد نظام، ڊائريڪٽر پرسنل محمد امين تغلق، ڊائريڪٽر ليبر ويلفيئر آفيسر محمد نواز سميت آفيسر موجود هئا، ٻئي طرف ملازمت دوران فوت ٿيندڙ واٽر بورڊ ملازمن جي وارثن پاران کين رھتون نہ ملڻ جي شڪايت تي سي اي او واٽر بورڊ پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ ملازمت دوران فوت ٿيندڙ ملازمن جي وارثن کي فوري امداد فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ جنازي جا اخراجات ۽ مالي مدد جي مد ۾ ادائيگين کي يقيني بڻايو وڃي، سي اي او واٽر بورڊ چيو تہ ڪو بہ ڊويزنل اڪائونٽنٽ يا ڪلرڪ ملازمت دوران فوت ٿيندڙ يا ريٽارئرڊ ٿيندڙ ملازمن جي بقايائن جا ڪيس ٺاھڻ ۾ دير ڪندو تہ ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
فيبروري 21, 2023