صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي صدراتي عهدي ۽ ڪردار کي سمجهڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد پنڊي شهر تي ڪارو داغ آهي، صدر آصف علي زرداري تي الزام لڳائي پاڪستان جي سياسي منظرنامي ان ( in) رهڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪنھن بہ قسم جي بدلي ۽ انتقام جي سياست ۾ يقين نٿو رکي، آصف علي زرداري ته انهن ماڻهن کي به معاف ڪري ڇڏيو ، جن هن ۽ ھن جي خاندان کي بدترين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو. صوبائي وزيرشرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ انتهاپسندي جو نشانو بڻجندي رهي آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري انتهاپسندن کي عمران خان خلاف استعمال ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. صوبائي وزير چيو تہ شيخ رشيد وٽ جيڪڏهن ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڪري، ٽي وي تي اچي ڀڀڪيون هڻڻ شيخ رشيد جي عادت بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته شيخ رشيد هر 15 ڏينهن کانپوءِ آر يا پار جون نيون تاريخون ڏيندو رهندو آهي، شيخ رشيد چار راتيون لاڪ اپ ۾ نه گذاري سگهيو، معافي تلافي وٺي ٻاهر آيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شيخ رشيد کي عمران خان پنھنجو نوڪر رکڻ جي قابل به نه سمجھندو ھو، پر شيخ رشيد عمران خان کي بي وقوف بڻائي پوڻن چئن سالن تائين اهم وزارتن جا مزا ماڻيندو رهيو . ھن چيو تہ شيخ رشيد ڀڙڪيون ھڻي ايندڙ چونڊن کان اڳ نئون شڪار ڳولهي رهيو آهي.
