هن ملڪ کي عمران دار ججن جي نه ايماندار ججن جي ضرورت آهي: مريم نواز
راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عدالتن ۾ ڪجهه فيض جا چمچا موجود آهن جيڪي اڃا تائين ڪم ڪن ٿا. راولپنڊي ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي ويهي اقتدار ۾ ايندڙ عمران خان هاڻي واري عدالتن جي ڪلهن تي ويهي اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هن ملڪ کي ايماندار ججن جي ضرورت آهي عمران دار ججن جي نه، ياسمين راشد ليڪ ٿيل آڊيو ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان جا ماڻهو ويٺا آهن. نون ليگ جي سينيئر نائب صدر چيو ته سڄي عدليا خراب ناهي پر اتي ڪجهه فيض جا چيلا موجود آهن جيڪي اڃا تائين ڪم ڪري رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته مسلم ليگ نون اليڪشن کان نٿي ڀڄي، اليڪشن کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لهي چڪي آهي. مريم نواز هو به چيو ته مهانگائي ۽ عمران خان هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن، جڏهن کان عمران خان آيو آهي مهانگائي ختم ٿيڻ جو نالو به نٿي وٺي. هن چيو ته ملڪ مان مهانگائي ۽ عمران خان کي گڏ کڻي ٻاهر اڇلائينداسين. مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي بارودي سرنگهون آءِ ايم ايف معاهدي جي صورت ۾ عمران خان وڇائي ويو آهي، شهباز شريف اهي بارودي سرنگهون ڏينهن رات هڪ ڪري ڳولي رهيو آهي.
فيبروري 20, 2023