طالبان پاران دهشتگردي کي سنجيدگي سان نه وٺڻ تي  ڳڻتي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Spread the love

ميونخ ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان حڪومت جو پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگردن جي مسئلي کي سنجيدگي سان نه وٺڻ ڳڻتي جو سبب آهي. ميونخ ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيوته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ القاعدا جهڙيون دهشتگرد تنظيمون افغانستان ۾ موجود آهن. هن چيوته  ڪابل کي بار بار چيو آهي ته سندن خلاف ڪارروائي ڪري، افغانستان ۾ ڪا به اسٽينڊنگ آرمي يا ڪائونٽر ٽيررازم ميڪينزم موجود ناهي، تنهنڪري عالمي برداري افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هوته پاڪستان افغان پناهگيرن جي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي، عالمي برداري کي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرن کپي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته افغان حڪمرانن خاطري ڪرائي هئي ته سندن سرزمين  ڪنهن به مُلڪ خلاف استعمال نه ٿيندي، افغان سرڪار کي دشتگردي جي خاتمي لاءِ مضبوط سيڪيورٽي ادارن جي گهرج آهي.

فيبروري 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو