عمران خان ڪوڪين ۽ آئس جو نشئي نه نڪري تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس: راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مان عمران خان جي گرفتاري جو بلڪل ارادو رکان ٿو پر حڪومت ۽ وزيراعظم جي اجازت جو پابند آهيان. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جو رت ٽيسٽ ڪرايو، جيڪڏهن هو ڪوڪين ۽ آئس جو نشئي نه ڪري ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. راڻا ثناءُ الله عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اچي ۽ اسلام آباد بند ڪري ڏيکاري، عمراني فتني جي هر صورت ۾ رستا روڪ ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ مُلڪ تباهه ٿي ويندو. هن سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن کي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ آهي ته ٽيريان وائٽ عمران خان جي ڌيءَ آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته جمائما به اِهو چيو ته ٽيريان عمران خان جي ڌيءَ آهي، اهڙي شخص کي ته رياستِ مدينا ۾ سنگسار ٿيڻ گهرجي.

فيبروري 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو