مراد علي شاهه ۽ پاڻي بابت وفاقي وزير ۾ ڪي-فور سميت ٻين منصوبن کي حل ڪرڻ تي اتفاق

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڻي بابت وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه وچ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪي-فور (K-IV)، آر بي او ڊي (RBOD-I&III) ۽ حب ڪينال منصوبن سميت سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ (واپڊا پاران) چيئرمين واپڊا جنرل (ر) سجاد غني، سيڪريٽري آبي وسيلا حسن ناصر جمالي (ويڊيو لنڪ تي)، جوائنٽ سيڪريٽري مهر علي شاهه، جي ايم نارٿ مسعود سومرو، پي ڊي ڪي-IV عامر مغل شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران وزير بلديات ناصر شاهه، آبپاشي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، سيڪريٽري آبپاشي سهيل قريشي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪي-فور منصوبو: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم K-IV جو فيز-1 (260 MGD) ملير ۽ ٺٽي ضلعن ۾ تعمير هيٺ آهي جنهن جو مقصد ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ۽ ورڇ بابت سسٽم کي ڀرڻ لاءِ 100 ڪلوميٽر پنڌ تي ڪينجهر ڍنڍ مان شهر جي چوڌاري ٽن پاڻي جي ذخيرن ذريعي پاڻي جي صحيح نموني فراهمي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو منصوبو پاڻي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائيندو ته جيئن عوام، واپاري مرڪزن ۽ صنعتي سرگرمين جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ۽ اهو ڪراچي ۾ موجوده ۽ مستقبل جي صنعتن لاءِ ضروري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي معاشي سرگرمين ۽ غربت ۾ گهٽتائي آڻيندو. هن وڌيڪ چيو ته منصوبي تي اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي آهي تنهنڪري ان کي تيز ڪيو وڃي. وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته سندس ٽيم کيس آگاهه ڪيو آهي ته ڪجهه عدالتي ڪيسن ۾ زمين جي دستيابي/ رائٽ آف وي (RoW) جا مسئلا آهن جنهن تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته زمين جي سمورن معاملن ۽ عدالتي ڪيسن کي اڪلائي ته جيئن منصوبي تي ڪم کي تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور جي مختلف سيڪشنز جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي. آر بي او ڊي RBOD (I ۽ III): اجلاس کي ٻڌايو ويو ته واپڊا رائٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين I ۽ III تي ڪم جون 2020ع ۾ مڪمل ڪري چڪو آهي پر اهو منصوبو اڃا تائين سنڌ حڪومت وٽ ناهي. آر بي او ڊي (RBOD-I): اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انڊس لنڪ جي بحالي/ پکيڙ لاءِ RD 00 کان 80+663 تائين MNVD (RD 0 – RD110) نئين سر تعمير ۽ انفرااسٽرڪچر کي RD 110 کان RD 120 تائين وڌايو ويندو. RBOD Extension (MNVD) يا RD 0+000 کان RD 132+600 ۽ RD 110 کان 220 تائين واڌو تعمير پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. آر بي او ڊي (RBOD-III): اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آر بي او ڊي ڊرين جي پکيڙ جو رهيل ڪم آر ڊي 161+000 کان 284+000 تائين مڪمل ڪيو ويو آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته منصوبي ۾ ڪجهه خاميون آهن ۽ تازين برساتن ۽ ٻوڏن سندس انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ نقصان پهچايو آهي تنهنڪري اهڙي صورتحال ۾ پروجيڪٽ تي ڪم نه ٿو ٿي سگهي. تفصيلي بحث کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته واپڊا ۽ آبپاشي کاتي جي گڏيل ٽيم آر بي او ڊيز جو سروي ڪري وڌيڪ فيصلي لاءِ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. حب ڊيم: وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ٻڌايو ته حب ڊيم جي آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ سنڌ حڪومت تي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رَهتون آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير بلديات کاتي واپڊا کي رهتون ادا ڪرڻ ۽ ڪيس پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير واپڊا عملدارن تي زور ڀريو ته هو K-IV تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪن ته جيئن ان کي 2024ع تائين مڪمل ڪري سگهجي.

فيبروري 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو