سکر ۾ پيپلز بس سروس جو باقاعده آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون: شرجيل انعام

Spread the love

ڪراچي  (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ کاتن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سکر جي عوام کي جنهن گھڙي جو ھو  انتظار اھا گھڙي اچي ويئي  آهي،  سڀاڻي جمعي ڏينهن ٽرانسپورٽ کاتو ،  سکر ۾ پيپلز بس سروس جو باقاعده آپريشن شروع ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي ڪامياب سروس کانپوءِ سکر جا ماڻهو پيپلز بس سروس جي سواري مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. ھن چيو سکر جي مصروف ترين پهرين روٽ تي 10 ڳاڙهيون بسون ڊوڙيندي نظر اينديون. هن چيو ته سکر جو 25 ڪلو ميٽر ڊگهو روٽ روهڙي ريلوي اسٽيشن کان شروع ٿي ٻيڙي اسٽاپ ، عطا حسين ڊگري ڪاليج، ڊائيوو بس ٽرمينل، ايس آءِ يو ٽي سکر، سٽي پوائنٽ بس اسٽاپ، اين آءِ سي وي ڊي، آئي بي اي يونيورسٽي، نيو بس ٽرمينل، بيڪن هائوس اسڪول، سبزي منڊي، پاڪولا چوڪ، بورڊ آفيس، ڪمشنر آفيس، آئي بي اي پبلڪ اسڪول، 7/11 اسٽور بس اسٽاپ کان ٿيندو گلوب چوڪ لب مهراڻ تي ختم ٿيندو. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعدن تي تيزي سان عمل ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ پيپلز بس سروس جي فليگ شپ منصوبي کي صوبي جي وڏن شهرن تائين وڌائي رهي آهي ته جيئن عوام کي سستي، محفوظ ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته شديد مالي دٻاءُ ۽ ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود پيپلز پارٽي ، سنڌ صوبي جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي صوبي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائڻ لاءِ وڏي رٿابندي ڪئي آھي ، جنهن تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي .

فيبروري 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو