وزيراعظم سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۽ پرڏيهي وزارت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
فيبروري 16, 2023