پي ٽي آءِ جي خواهش تي چونڊون نہ ٿيون ٿي سگهن: شرجيل ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽيآءِ جي خواهش تي چونڊون نہ ٿيون ٿي سگهن. چونڊون آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين پنهنجي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين ۽ قانون کي بلڊوز ڪيو. کين آئين ۽ قانون جي ڪابہ ڄاڻ ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ پاران آئين جي تحفظ لاءِ مهم هلائڻ جي ڳالهه ڪرڻ ھڪ وڏو مذاق آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو سڀ کان پهرين جيل ڀريو تحريڪ جي ته شروعات ڪن. هر روز کل جوڳيون نيون ڳالهيون ڇڏيندا رھن ٿا ، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. خوف مان مرهم پٽيون لڳائي زمان پارڪ جي ٻر ۾ لڪيو ويٺو آهي. هي ماڻهو ڪھڙي جيل ڀريو تحريڪ هلائيندا؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي نام نهاد مقبوليت جي وزن هيٺ دٻجي وئي آهي. عمران خان ۽ سندس ساٿين جا ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ وارا سمورا حربا ناڪام ٿي ويا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي ته جيئن اهي پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائي سگهن. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾  ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش ڪري رهي آهي. نااهل ٽولي جي چئن سالن جي پاليسين جو نتيجو آهي جو اڄ ملڪ جي معيشت سخت دٻاءُ ھيٺ آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سياست، آئين ۽ قانون کي به راند سمجهي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ان راند ۾ اهي هر روز عجيب و غريب ڳالهيون ڪندا رھن ٿا .

فيبروري 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو