مشڪل وقت ۾ دنيا جو ساٿ ڏيڻ اسان جي بهترين پرڏيهي پاليسي جو ثبوت آهي: بلاول ڀٽو
اسلام آباد (وُيب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مشڪل وقت ۾ دنيا جو ساٿ ڏيڻ اسان جي بهترين پرڏيهي پاليسي جو ثبوت آهي. فارينسروسز اڪيڊمي ۾ 42هين ڊپلوميٽڪ ڪورس جي آفيسرز کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي فارين سروس آفيسرز سڄي دنيا ۾ اسان جو موقف بهترين طريقي سان پيش ڪيو. اسان کي هر ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب ٿيل نقصانن کي منهن ڏيڻو پيو. موسمياتي تبديلي بابت موقف تي سڄي دنيا اسان سان گڏ بيٺل هئي. بلاول چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي بابت هر فورم تي آواز اٿاريو. جنيوا ريزيلينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي دنيا اسان جو ساٿ ڏنو. تازي ايندڙ ٻوڏ ۾ آمريڪا ۽ چين به اسان جي مدد ڪئي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ پرڏيهي پاليسي ملڪي مفاد موجب جوڙيندا آهن. پاڪستان عالمي برادري سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي. خطي ۾ علاقائي امن جي قيام لاءِ کنيل قدم پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو حصو آهن.
فيبروري 15, 2023