اسٽيبلشمينٽ هٿ ڪڍيو ته عمران خان عدليه جي گهوڙي تي ويهي اچڻ چاهي ٿو: مريم نواز

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر ۽ نائب صدر مريم نواز عمران خان کان سوال ڪيو آهي ته جنرل (ر) باجوا سُپر ڪنگ هو ته اوهان ڇا هئا، سندس ملازم؟ پهريان چوندا هئا ته قمر جاويد باجوا جيتري منهنجي مدد ڪئي ايتري ڪنهن ٻئي نه ڪئي، اڄ هو گهر هليو ويو آهي ته کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهيو. لاهور ۾ پارٽي جي نوجوان اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هن چيوته  عمران خان وٽ ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ٻئي ڪا به ايجنڊا ناهي، اسٽيبلشمينٽ هٿ ڪڍيو ته عمران خان عدليه جي گهوڙي تي ويهي اچڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته عمران خان وٽ ڪو به معاشي منصوبو ناهي، ڀڃ ڊاهه، ماريو ۽ مري وڃو، اها سندس ايجنڊا آهي، هن ڪو هڪ ڪاليج، يونيورسٽي، اسپتال يا موٽروي ٺاهيو آهي ته ٻڌائي، مان پهريان به چيو هو ته سائفر فراڊ کانسواءِ ڪجهه ناهي. مريم نواز چيو ته ڪوڙو ماڻهو ڪڏهن به سچ نٿو ڳالهائي سگهي، گهڻو ٻڌو آهي، اسان ڪو غلام آهيون، امپورٽڊ حڪومت، حقيقي آزادي، ايبسوليوٽلي ناٽ، اڄ پڇي سگهان ٿي ته حقيقي آزادي ڇا آهي؟ غلامي نامنظور واري نعري جو ڇا ٿيو ؟ جنهن نوجوانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي، اردو ۾ ٻڌايو اوهان ڪوڙ ڳالهايو، دوکو ڏنو هو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته اوهان کي وڏا وڏا ڪوڙ ڳالهائي ننڊ ڪيئن ايندي آهي، سموري دنيا ڏٺو ته عمران خان ڪهڙي نموني مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪيو، يوٽرن مطلب ڪوڙ ڳالهائڻ آهي،  ڪوڙي بيانيي سبب ماڻهن کي  پرڏيهي ايجنٽ قرار ڏنو ويو. هن چيو ته عمران خان آمريڪا ۽ اولهه جي دنيا سان پاڪستان جا لاڳاپا خراب ڪيا، پهريان چيائين ته جنرل باجوا جيتري سندس مدد ڪئي ايتري ڪنهن نه ڪئي، اڄ چوي ٿو ته قمر باجوا سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت وڃڻ کانپوءِ به اوهان جنرل باجوا سان ملاقاتون ڪيون، ان وقت جنرل قمر جاويد باجوا سپر ڪنگ هو ته توهان ڇا هئا سندس ملازم؟، مُلڪ جو نوجوان طبقو اوهان وانگر نالائق ناهي، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت مخالف سياسي طاقتن خلاف منظم مهم هلائي وئي، مان اڄ ڊيم واري بابا ثاقب نثار کي ڳولهي رهي آهيان، الله جو شان آهي ته نواز شريف کي برو چوڻ وارا هڪٻئي کي مير جعفر ۽ مير صادق قرار چئي رهيا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته سندس ڪوڙي بيانيي جو اسان کي جواب ڏيڻو پوندو آهي، عمران خان ٻڌائي ته اڄ معيشت جو ڪهڙو حشر آهي، هو هڪ ڪروڙ نوڪريون جو ڏٽو ڏئي ڀڄي ويو، موجودا معاشي صورتحال ۾ اسان نيون نوڪريون پيدا نٿا ڪري سگهون.

فيبروري 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو