انتهاپسندي، دهشتگردي، منظم گروپن جون سرگرميون، قزاق ۽ غربت عالمي امن لاءِ خطرو آهنؒؒ:سيد مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته انتهاپسندي، دهشتگردي، منظم گروپن جون سرگرميون، قزاق ۽ غربت عالمي امن لاءِ خطرو آهن. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتون، ماحولياتي تباهي ۽ قومپرست ايجنڊا جي بنياد تي بين رياستي دشمني جو روايتي خطرو، اخلاقي اصولن کان عاري ۽ انصاف وڏا چيلنج آهن. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ امن مشق 2023ع جي پرڏيهي وفدن/ شرڪت ڪندڙن جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ، محنت وارو وزير سعيد غني، مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، خاص مددگار قاسم نويد ۽ وفد جو سربراهه ڪمانڊر محمد ناصر اقبال پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پرامن ۽ گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو ۽ اسلام اسان کي دنيا ۾ انسانن لاءِ پرامن ماحول قائم ڪرڻ جو درس ڏنو آھي. هن چيو ته اصل ۾ لفظ ”اسلام“ معنيٰ عربي ٻوليءَ ۾ امن جي آهي ۽ الله تعاليٰ اسان جي دين لاءِ لفظ اسلام چونڊيو آهي، جيڪو اسانجي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ذريعي موڪليو ويو. هن وڌيڪ چيو ته انتهاپسندي سميت ھاڻوڪن خطرن کي منهن ڏيڻ سان ئي امن قائم ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان پرامن ۽ گڏيل بقاءَ واري پرڏيهي پاليسي تي يقين رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته هن دور ۾ امن لاءِ خطرن ۾ واڌ ناھي ٿي پر ان جي نوعيت ۽ ڪردار ۾ تبديلي آئي آهي. هن چيو ته جديد دور ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي، منظم گروهن جون سرگرميون، قزاق ۽ غربت عالمي امن لاءِ خطرو آهن. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديليون، ماحولياتي تباهي، قدرتي آفتن ۾ اضافو، اخلاقي اصولن کان عاري ۽ غير منصفانه قومپرست ايجنڊا پڻ خطرن ۽ چئلينجن جو هڪ روپ آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته جديد دور ۾ خطرن جي بدلجندڙ نوعيت سبب هاڻي ڪنهن به قوم لاءِ اهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ ممڪن ناهي. تنهنڪري، ان لاءِ سڀني ملڪن جي سھڪار خاص طور تي بين الاقوامي سامونڊي علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. هن وڌيڪ چيو ته امن مشق هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو جتي وڏي انگ ۾ 47 ملڪن جي سامونڊي فوج گڏيل طور تي منھن ڏيڻ لاءِ سندن عزم جو اظھار ڪيو آھي جيڪو انسان ذات ۽ ان جي ماحول لاءِ خطرو آھن. وڏي وزير چيو ته امن مشق حڪومت پاڪستان جو ھڪ اھم قدم آھي جنھن جي اڳواڻي پاڪ نيوي ڪري رھي آھي جنهن جو مقصد دنيا جي سمنڊ خطن ۾ جديد دور جي خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ دنيا جي سمورن سامونڊي فوج جي سھڪار کي وڌائڻ آھي. بحري قوتن جي تعاون کي وڌائڻ آهي ته جيئن سامونڊي خطن ۾ جديد خطرن کي منهن ڏئي سگهجي
فيبروري 13, 2023