پاڪستاني عوام کي ظلم ۽ ناانصافي وارو نظام ختم ڪرڻو پوندو: شهباز شريف

Spread the love

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي گڏجي ظلم ۽ ناانصافي وارو نظام ختم ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ باب پاڪستان جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب دوران شهباز شريف چيو ته ، ڏاڍَي جي لٺ کي ٻه مٿا وارو نظام ختم ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، ملڪ جي اشرافيه سچائي سان ساٿ ڏئي ته سمورن بحرانن مان نڪري سگهون ٿا.  وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته ڪو دشمن به نيب جي اذيت خاني ۾ نه وڃي، ماضي ۾ سياسي انتقام طور ماڻهن کي نيب جي اذيت گهرن ۾ واڙيو ويو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت نيب کي انتقامي ڪارروائين لاءِ استعمال ڪيو، ترقياتي منصوبن ۾ اربين روپين جون گهوٻيون هنيون ويون

فيبروري 12, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو