جيل ڀريو تحريڪ بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي جي گرفتاري کان شروع ڪئي وڃي: مريم نواز
ايبٽ آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پشاور ڌماڪي جا ذميوار اُهي آهن جيڪي ڏهن ورهين کان حڪومت ڪندا رهيا، خيبرپختونخوا کي وسيلن جي نه نواز شريف جي ضرروت آهي.ايبٽ آباد ۾ ن ليگ جي تنظيمي ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چو ته ڪي پي کي وسلين جي نه پر نواز شريف جي ضرروت آهي، خيبرپختونخوا جي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ سمورن ضلعن جو پاڻ دورو ڪنديس.هن چيو ته پاڪستان جا ذڪر جوڳا منصوبا ن ليگ جي دور ۾ ٺهيا، هر ذڪر جوڳي رٿا تي نواز شريف جو نالو لکيل آهي.مريم نواز چيو ته پشاور ڌماڪي جو ڪير ذميوار آهي جنهن ۾ سيون انساني جانيون ويون، پشاور ڌماڪي جا قصوروار اُهي آهن جيڪي ڏهن ورهين کان حڪومت ڪندا رهيا، ڪي پي جي وسيلن کي بيدردي سان استعمال ڪندا رهيا، ڏهن سالن تائين صوبي جي عوام کي حق نه مليو.هن پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو چوندو هو پشاور کي لاهو بڻائيندس اُن لاهور کي به پشاور بڻائي ڇڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ويو هڪ هزار نوڪريون ئي ڏيکاريو، چوندو هو ٽي سئو ڊيم ٺاهيندس سڄي مُلڪ کي ڊيم فول بڻائي هليو ويو.سندس چوڻ هو ته عمران خان چئن سالن تائين ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪندو رهيو، شاهه محمود قريشي ڪالهه ٽي وي تي چيو ته نواز شريف سان زيادتي ٿي، شاهه محمود کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته نواز شريف جن نيڪالي ڏني ان ٽولي جو سربراهه اوهان جي جماعت جو ليڊر آهي، ڪير ڪير ان سازش ۾ شامل هو قوم کي ٻڌائڻو پوندو، رڳو ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ ڪافي ناهي پنهنجي لاءِ سزا به تجويز ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته هن قوم جو ڪهڙو ڏوهه هو جنهن مٿان اِهو ذهني مريض مڙهيو ويو، جيڪو ويندي ويندي مُلڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ويو اڄ مهانگائي آءِ ايم ايف جي ڪري آهي ۽ عمران خان کي اڄ مهانگائي ياد اچي رهي آهي، هو اڄ ڪهڙي مهانگي پٽڻو پٽي رهيو آهي اِها مهانگي سندس پاليسين جو نتيجو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ عمران خان جي زال بشريٰ بي بي ۽ سندس دوست گرح گوگيءَ کان شروع ڪئي وڃي.
فيبروري 10, 2023