پيٽروليم شين جي کوٽ ناهي، هٿرادو بحران پيدا ڪندڙ مُڙي وڃن: مصدق ملڪ جي وارننگ

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي ڪا کوٽ ناهي پر ڪجهه ماڻهو وڌيڪ منافعي لاءِ ذخيرو ڪري رهيا آهن، جن خلاف حڪومت ايڪشن وٺندي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته عوام لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ملڪ ۾ 20 ڏينهن جو پيٽرول ۽ 30 ڏينهن جو ڊيزل موجود آهي.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ذخيرو ڪري رهيا آهن، هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن کي خبردار ٿو ڪيان ته مڙي وڃو، جيڪو به ذخيري اندوزي ۾ ملوث نڪتو ان جو لائسنس رد ڪيو ويندو، رياست قدم کڻندي ته توهان پريس ڪانفرنسون ڪندا وتندئو.سندس چوڻ هو ته حڪومت تيل مهانگو ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي، ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، معيشت جي ترقي سان عوام خوشحال ٿيندو، حڪومت جو ڪم عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ آهي.مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته روس کان تيل خريداري جا معاملا مارچ جي آخر تائين طئي ٿي ويندا ۽ اميد آهي ته اپريل کان ملڪ ۾ تيل اچڻ شروع ٿي ويندو.

فيبروري 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو