سنڌ ڪابينا پاران 15 مارچ کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿيندڙ اجلاس ۾ 15 مارچ کان 4000 رپيا في مڻ (40 ڪلو) ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، امدادي ڪم لاءِ 58.7 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي ۽ مڇريل ماڻهن تي جلد ڪنٽرول بابت ريپڊ ريسپانس فورس جو دائرو وڌائيندي ڪرائوڊ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ۾ ترڪيه ۾ ڪابينا ترڪيه ۾زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو جڏهن ته سنڌ ڪابينا پاران ترڪيه ۾ زلزلي متاثرن لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظور ڏني وئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ترڪيه جي زلزلي متاثرن لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هوته ترڪيه جي عوامي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد ڏني هئي، اسان ترڪيه جي عوام کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سهگون. اجلاس ۾ نان پروموشنل پوسٽ جي ملازمن کي ٽائم اسڪيل ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. ترجمان موجب اِهو ٽائم اسڪيل 19،12،5 ۽ 27 سالن جي سٺي سروس تي ڏنو ويندو، ٽائم، اسيڪل رڳو هڪ اسٽيج موجودا پي اسڪيل کان مٿي هوندو، اِهو ٽائم اسڪيل گريڊ بي ايس هڪ کان 15 تائين جي ملازمن کي ڏنو ويندو. انکانسواءِ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ پوليس ۾ ويجهڙائي ۾ ڀرتي ٿيل اهلڪارن جا ڊومسائل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڪئي وئي .وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا پشاور پوليس لائنز ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن مذمت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير طرفان شهيدن جي وارثن لاءِ ڏهه لک ۽ زخمين جي علاج لاءِ پنج لک رُپيا امداد جو اعلان ڪيو ويو .ڪابينا اجلاس ۾ مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي ويجهڙائي ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل اهلڪارن جي ڊوميسائل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڄاڻايل نوڪريون رڳو مقامي ماڻهن لاءِ آهن، آءِ جي پوليس ڊي سيز ذريعي ڊوميسائل چيڪ ڪرائي.
فيبروري 7, 2023