جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات زمان پارڪ کان ٿيڻ گهرجي: مريم نواز

Spread the love

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته اسان جي مٿان ڪوبه دٻاءُ نه آهي. عمران خان جيل ڀيرو تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي. مان سندس انتظار ۾ آهيان ته هو اچي جيل ڀري ۽ ان جي بسم الله زمان پارڪ کان ٿيڻ گهرجي. اوهان کي به خبر پوي ته جيل ڇا ٿيندي آهي ۽ ڊيٿ سيل ڇا هوندو آهي. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته اسان تي يا اسان جي پارٽي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪوبه دٻاءُ نه آهي. هاڻ دٻاءُ عمران خان مٿان آهي هن جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي اڳ ئي زمان پارڪ ۾ کڪي ويٺل آهن جتي هنن پنهنجي دفاع لاءِ عورتن کي رکيو آهي. مريم نواز چيو ته (ن) ليگ جو دور ڪافي بهتر هو. ڪالهه هتي ورڪرز ڪنوينشن هو جنهن ۾ ڪارڪنن جو جذبو ڏساڻ وٽان هو. مون کي احساس آهي ته واقعي ملڪ ۾ تمام گهڻي مهانگائي آهي ۽ حالتون به مشڪل آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن. عوام کي خبر آهي ته پريشانيون ڪنهن جون آندل آهن. اميد جو ڏيئو اڃان به روشن آهي. اسان ڏينهن رات هڪ ڪري عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته چاهي ننڍيون چونڊون هجن يا عام اسان هر شيءَ لاءِ تياري ڪري ڇڏي آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته پنهنجي پارٽي کي متحرڪ رکان. عمران خان بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته جڏهن نوازشريف کي 2017 ۾ هڪ اقامي تي ڪڍيو ويو. هن 200 کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيو. اڄ پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ داغ لڳل آهي ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي اقامي تي گهر اماڻيو ويو. جڏهن مان ٻئي طرف ڏسان ٿي ته اتي اقامو ته نه آهي پر اصل ڏوهه ڪيل آهن چور هيرا ۽ زيور کڻي ويٺل آهن. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ثبوتن سان صفحا ڀريل آهن ٻاهران ناجائز پئسو آڻي ان کي هتي لڪايو ويو. اڄ بدنام زمانه ڪيس ۾ به هو عدالت ۾ نٿو اچي. اهڙي سهولت ڇا نوازشريف کي هئي. ڇا اها سهوليت مريم کي هئي؟ سڀني کي خبر آهي ته ڪيس ڪوڙا هئا اسان کان صرف انتقام ورتو ويو. مريم نواز اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ چونڊيل وزيراعظم سان جيڪو ٿيو ان مان قوم گهڻو ڪجهه سکيو. سڀني کي خبر آهي، عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته ڊڪٽيٽر شپ مان ڪهڙو نقصان ٿيو.

فيبروري 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو