عمران نٿو چاهي ته مُلڪ اڳتي وڌي، سندس نااهلي جي سزا اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته عمران خان نٿو چاهي ته مُلڪ اڳتي وڌي ۽ عزت سان رهي پر هو چاهي ٿوته سندس اپوزيشن ۾ مُلڪ پوئتي هليو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هن موجودا دور ۾ گرفتار ۽ قتل ٿيندڙ ماڻهن جو تصويرون ۽ نالا لکندا پي ڊي ايم جي حڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ملڪي معيشت جي تباهي جو ذميوار پڻ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار عمران خان جي ٽوئيٽس تي جواب ڏيندي لکيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي غير ذميواراڻن بيانن جو مقصد ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال کي نقصان /پهچائڻ ۽ سياسي ماحول کي خراب ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير لکيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان دنيا ۾ 27 هين نمبر تي موجود معيشت کي ٻه هزار ٻاويهه ۾ 47 هين نمبر تي پهچائڻ سندس بدانتظامي، نااهلي، نالائقي ۽ ڪرپشن سان ڀرپور دور جو واضح ثبوت آهي، جنهن جي سزا اڄ مُلڪ جو عوام برداشت نه ڪرڻ جوڳي مهانگائي جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته خود غرض ۽ تڪبر ۾ وڪوڙيل عمران خان کي آئيني طريقي وزارت عظميٰ جي ڪرسي تان هٽايو ويو ته هو چريو ٿي چڪو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان جي ڀيٽ ڪري ئي نٿي سگهجي، وزيراعظم شهباز شريف هڪ سياسي جماعت جي ليڊر طور عمران خان کي نيشنل ايڪشن پلان ۽ قومي سلامتي لاءِ ڊيئلاگ ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني پر ان تي عمران خان احمقاڻو ردعمل انتهائي حيرت جوڳو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته انتهائي معذرت سان گڏ، عمران خان نه ٿو چاهي ته ملڪ اڳتي وڃي ۽ عزت سان رهي پر هو چاهي ٿو هن جي اپوزيشن ۾ ملڪ پوئتي هليو وڃي.
فيبروري 5, 2023