ملڪ جي بهتري لاءِ وفاق، صوبا ۽ سياسي پارٽيون دهشتگردي خلاف گڏ ٿين: شهباز شريف

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي بهتري لاءِ وفاق، صوبا ۽ سياسي پارٽيون ملي دهشتگردي جي خلاف گڏ ٿين. پوليس لائنز ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس پشاور ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن، وزيرن، وزيراعظم آزاد ڪشمير کان علاوه وفاقي وزير ۽ قومي سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان ڪوبه نمائندو شريڪ نه ٿيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اجلاس گهرائڻ جو مقصد 30 جنوري تي ٿيندڙ پشاور ڌماڪي جي متاثرين ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پشاور ڌماڪي ۾ حملو ڪندڙ چيڪ پوسٽ مان گذري مسجد ۾ داخل ٿيو. سموري قوم پشاور ڌماڪي تي ڏکويل آهي. قوم سوال ڪري رهي آهي ته دهشتگردي جي خاتمي کان پوءِ اهو واقعو ڪيئن ٿيو؟ شهباز شريف چيو ته پشاور واقعي کان پوءِ تنقيد ۽ الزامن جي مذمت ڪريون ٿا. الزام ۽ تنقيد مناسب نه آهي. دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ کنيل قدم وقت جي اهم ضرورت آهي. قوم دهشتگردي جهڙي ناسور کي منهن ڏيڻ جي طريقي تي سوچي رهي آهي. اهو چوڻ ته پشاور واقعو ڊرون حملي سبب ٿيو اهو نامناسب آهي. پشاور واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪمزوريون ڪٿي هيون.هن چيو ته دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ هر ڀيري اهو مهڻو ڏنو ويندو آهي ته وفاق ساٿ نه پيو ڏئي. 2010 کان هينئر تائين خيبرپختونخواهه حڪومت کي 417 ارب روپيه ڏنا ويا آهن. دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين ڪنهن تي به تنقيد نه پيو ڪريان. اڄ اسان کي حق جي ڳالهه ڪرڻي پوندي. اسان جو سوال آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي ڏنل اهي 417 ارب روپيه ڪيڏانهن ويا. اسان کي ملڪ جي صورتحال دوران سمورا اختلاف وساري گڏ ٿيڻ گهرجي دهشتگردن جو نه ڪو دين آهي نه ئي وري ايمان. اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي ڏنل 417 ارب روپين مان هڪ چوٿائي به خرچ ٿئي ها ته اهڙيون حالتون نه هجن ها. جيڪي مون سان هٿ به نٿا ملائڻ چاهين انهن کي به مون دعوت ڏني آهي. اڄ ٻيهر اتفاق ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي ان کان سواءِ ڪاميابي نه ملندي. اسان کي اختلاف وساري ملي قوم کي گڏ ڪرڻو پوندو ۽ اڳيان وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تقدير بهتر ڪرڻ لاءِ اوهان پنهنجن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهيو. آل پارٽيز ڪانفرنس جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گهرايو ويو آهي. مون کي ڪجهه وقت اڳ ڪنهن چيو هو ته خيبرپختونخواهه جو خيال رکو. هتي ڀتا ورتا پيا وڃن. اسان ملي مقابلو ڪرڻ کان پوءِ ئي دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين.

فيبروري 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو