مراد علي شاهه پاران پشاور ڌماڪي جي شهيدن لاءِ 10-10 لک معاوضي جو اعلان

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بهترين مثال قائم ڪندي پشاور ڌماڪي جي شهيدن لاءِ 10-10 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪري ڇڏيو. سيد مراد علي شاهه ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو دورو ڪيو ۽ پوليس لائنز آپگهاتي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت ڪئي. وڏي وزير شهيدن جي وارثن لاءِ هر هڪ 10 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 5 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو. مراد علي شاهه پشاور ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي يادگار تي به حاضري ڀري، ان موقعي تي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت به ساڻس گڏ هئا.

فيبروري 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو