55 سالن ۾ ڪوڙهه جي مرض تي ضابطو آندو ويو: مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ليپروسي ڪنٽرول پروگرام پروجيڪٽ 1960ع ۾ صوبائي صحت کاتي ۽ ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALC) جي گڏيل سهڪار سان شروع ڪيو ويو ۽ 55 سالن ۾ ڪوڙهه جي مرض تي ضابطو آندو ويو آهي. 1996 پاڪستان EMRO (مشرقي ميڊيٽرينين ريجنل آفيس) ۾ پهريون ملڪ بڻيو جنهن 2000 جي WHO جي هدف کان اڳ ڪوڙهه جي مرض تي ضابطو آندو. هن پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مرض تي ضابطو آڻڻ جي گڏيل ڪوششن ۾ MALC ۽ صحت کاتي کي سندن ڊگهي لاڳاپي ۽ مثالي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن مقامي هوٽل ۾ ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALC) پاران ڪوٺايل 70هين عالمي ليپروسي ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ سي اي او (MALC) مسٽر مارون لوبو، جرمن سفير مسٽر الفرڊ گرناس، جرمن قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊيگر لوٽز، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو، وڏي وزير جو خاص مددگار صادق ميمڻ، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته 70هين عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ اچڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز جوڳو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪوڙهه جو عالمي ڏينهن اسان کي انهن ماڻهن کي سڃاڻڻ جو موقعو ڏنو جن ڪوڙهه واري بيماري تي تجربو ڪيو ۽ ان بيماري بابت شعور پيدا ڪري، ان سان جڙيل اوڻاين کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ هن سان گڏ WHO سميت ڪوڙهه خلاف جنگ ۾ لکين ورڪرن، پروفيشنل ۽ ڊونرز سان ملاقات ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيئن ته سنڌ ڪوڙهه جي مرض جو شڪار آهي تنهنڪري هي سال ”عمل ڪريو ۽ ڪوڙهه جو خاتمو ڪريو“ عنوان هيٺ بهترين وقت آهي. وڏي وزير ڊاڪٽر روٿ فائو کي ياد ڪندي چيو ته هوءَ هر ڪنهن لاءِ حقيقي تحريڪ هئي جيڪو کيس سڃاڻندو هو، هن پنهنجي سڄي زندگي ملڪ جي غريب عوام خاص ڪري ڪوڙهه جي مرض کان متاثر ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته سندس جدوجهد کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، سندس وفات نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ وڏو نقصان آهي، هو انسانيت ۽ مختلف مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي علامت هئي ۽ وڌيڪ چيو ته هن جي ورثي کي زنده رکڻ لاءِ سندس ٽيم مختلف شعبن جهڙوڪ تپ دق، ڪميونٽي بيسڊ انڪلوسيو ڊولپمينٽ، اکين ۽ ماءُ ۽ ٻارن جي صحت جي سارسنڀال تي ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير 60 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انساني همدردي جي بنياد تي تعاون ڪرڻ تي جرمني جي عوام جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته جرمني ۽ پاڪستان جا بهترين لاڳاپا ۽ ڊگهي تاريخ آهي، جنهن جو اعتراف هن تقريب ۾ جرمن سفير کي قرار ڏنو ته هن ليپريس پروگرام ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ ڪيتري قدر احساس آهي. هن ڊاڪٽر سينڊرسن ۽ ڊاڪٽر فاسٽينو جو به شڪريو ادا ڪيو ته اهي پاڪستان اسان جي قومي پروگرام کي عالمي معيارن موجب سپورٽ ڪرڻ لاءِ آيا آهن. مراد شاهه چيو ته سندس حڪومت ملڪ ۾ صحت جي شعبي جي ترقي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان صحت جي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي جن ۾ ٽي بي هڪ اهم مرض آهي. مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته MALC پڻ صوبائي ٽي بي پروگرام ۾ حصو وٺي رهيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته ڪوڙهه جي مرض جيان ملڪ ۾ ٽي بي جو پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير جي خاص مددگار سعدي ميمڻ، جرمن سفير مارون لوبو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر روٿ فائو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ عابده پروين جي هڪ گيت ”ڍونڍو گي ملڪون ملڪون، ملين گي نهين ناياب هين هم“ سان گڏ هڪ مختصر ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي جنهن پنهنجي زندگي ڪوڙهه جي مرض کان متاثر غريب ماڻهن جي علاج لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ڊاڪيومينٽري ۾ سندس خدمتن جو اعتراف ڪراچي ۾ پنهنجي خدمتون شروع ڪرڻ کان وٺي فوتگي تائين وارين تصويرن ذريعي ڪيو ويو.
فيبروري 3, 2023