وزيراعظم ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي يونٽ ” ڪي ٿري “ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر ) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونت جو افتتاح ڪري ڇڏيو. چين جي ڀائيواري سان تعمير ٿيل ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ ڪي ٿري جي شروعات سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ ذريعي بجلي جي مجموعي پيداوار ٻه هزار ٻه سئو ميگاواٽ ٿي ويندي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين هر ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ڪي ٿري رٿا جو افتتاح مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي سستي ٻارڻ جي ضرورت آهي، مُلڪ ۾ سٺ هزار ميگاواٽ هائيڊرل پاور جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان توانائي جي مد ۾ ستاويهه ارب ڊالر جي پيروليم شيون برآمد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ جي رٿا سان مُلڪ ۾ توانائي جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ديا مير، ڀاشا ۽ داسو ڊيم تي پڻ ڪم جاري آهي، سي پيڪ رٿا تحت پاڪستان ۾ بجلي منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

فيبروري 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو