نواز شريف واپسي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪجهه هفتن ۾ مُلڪ ۾ هوندو : مريم نواز

Spread the love

بهاولپور  ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف ڏيهه واپسي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي هو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مُلڪ ۾ هوندو. بهاولپور ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته نواز شريف تمام جلد وطن واپس ايندو، هن تياري به شروع ڪري ڇڏي پر ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيڻ تائين حتمي تاريخ نٿي ٻڌائي سگهان. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته عمران خان کي اقتدار تائين پهچڻ  لاءِ بيساکين ضرورت هئي، چار سال اقتدار ۾رهندي اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه ڪندو رهيو، اقتدار وڃائڻکانپوءِ  هُن اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ن ليگ حقيقتن تي ڳالهائيندي، اسان جو بيانيو حقيقتن تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪنهن جي بيساکين جي ڪائي ضرورت نه آهي. مريم نواز چيو ته گهڙي چور جي ڪي پي ۾ ڏهن سالن تائين حڪومت رهي، سڀ کان وڌيڪ فنڊز ملڻ کانپوءِ به ڪي پي ۾ سهولتون ناهن، صوبي جي پوليس بي يارو مددگار بڻيل آهي، اِها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته فنڊز ڪهڙي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا. شاهد خاقان عباسي بابت سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته شاهد خاقان عباسي اسان جو سينيئر آهي، هو نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان جي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي سرپرستي ۽ اڳتي وڌنديس. مريم نواز وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان سان پاڻ ملاقات ڪنديس، اسان پنهنجي دل جي ڳالهه هڪٻئي جي آڏو رکنداسين پر مخالف ان مان جيڪا خوشي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن کين اُها خوشي نه ملندي ڇاڪاڻ ته شاهد خاقان عباسي وفادار ۽ اصول وارو ماڻهو آهي.

فيبروري 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو