عمران خان نه صرف پاڪستان پر دنيا جو ڪوڙو ترين شخص آهي: شرجيل ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي خطاب تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته عمران خان نه صرف پاڪستان پر دنيا جو ڪوڙو ترين شخص آهي، هن پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا آهن. عمران خان پنهنجي خطاب ۾ قرآن پاڪ کي وچ ۾ آندو آهي، سياست ۾ قرآن پاڪ کي آڻڻ مناسب ڳالهه ناهي، جڏهن هن قرآن پاڪ کي وچ ۾ آندو ئي آهي ته پوءِ ڇا هو قرآن پاڪ تي هٿ رکي قوم کي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته 2018 جي اليڪشن کٽائڻ ۾ هن جي ڪنهن ڪنهن مدد ڪئي، ڇا هو قرآن پاڪ کڻي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته آر ٽي ايس کي ڪهڙي طريقي سان ويهاريو ويو ۽ اهي ڪهڙا ڪهڙا سهولتڪار هئا، جن سا هو ملاقاتون ڪندو رهيو. ڇا ھو قوم کي ٻڌائي سگهي ٿو ته مختلف پارٽين جي ماڻهن کي ان جي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن سندس مدد ڪئي. ڇا هو ٻڌائي سگهي ٿو ته آزاد ميمبرن کي جهازن ۾ ڀري ڀري آڻڻ جا ڪيترا پيسا ڏنا ويا. ڇا هو قرآن پاڪ کڻي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته فرح گوگي ڪرپشن جا ڪيترا پيسا جادوگرياڻي کي ڏنا. ڇا هو ٻڌائي سگهي ٿو ته هن توشا خاني جا تحفا ڪيترن پيسن ۾ خريد ڪيا ۽ ڪوڙيون رسيدون ٺاهي ڪيتري ۾ وڪرو ڪيون. ڇا هو قرآن پاڪ کڻي ٻڌائي سگهي ٿو ته ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ڪيترا دفعا ذاتي طور تي مليو ۽ ڪيترا ذاتي فائدا حاصل ڪيا ۽ فارن فنڊنگ جا ڪيترا پيسا ڪٿي لڪايا ويا. ڇا هو ٻڌائي سگهو ٿو ته عليما خان شوڪت خانم جي پيسن مان پراپرٽي ناهي ٺاهي، ڇا عمران خان قرآن پاڪ کڻي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته ھن جا ڪيترا ٻار آهن.

فيبروري 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو