پيپلز پارٽي سدائين دهشتگردن جي نشاني تي رهي آهي: مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه چيو آهي ته پشاور ۾ پوليس لائن ۾ ڪالهه جيڪو واقعو ٿيو ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو،اسان کي گڏجي دهشتگردن کي شڪست ڏيڻي آهي، پيپلز پارٽي دهشتگردي مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي،بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ميئر جي نامزدگي پارٽي طرفان جاري ڪئي ويندي،جيڪو کٽي سو ميئر بڻجندو، پيپلز پارٽي ڪراچي شهر ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي ،جيڪڏهن اهي چونڊون وقت تي ٿين ها ته شهر کان وڌيڪ سيٽون کٽيون ها،اسان خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي ته اسان چونڊون نٿا چاهيون،اسان ايم ڪيو ايم کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو چيو،ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب جماعت اسلامي ۽ ٻين کي وڌيڪ ووٽ ملي،ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سنڀالي ورتو،پيپلز پارٽي جيڪو ڪجهه مقرر ڪيو آهي اهو اسان جي محنت جو نتيجو آهي، شهر جي خدمت ڪئي آهي ۽ وڌيڪ ڪنداسين، سيف سٽي پروجيڪٽ جي حوالي سان چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ تحت ڪيمرائون لڳائڻ سان نه رڳو شهر پر امن ٿيندو، اسان کي شهر جي سڪيورٽي مضبوط ڪرڻي آهي ۽ ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏيڻ جو واعدو جلد پورو ڪيو ويندو، ماضي ۾ حڪومت اهڙين آفتن سبب ڪڏهن به گهر تعمير ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي، 2 لک گهر متاثر ٿيا آهن، ان لاءِ فنڊنگ جو بندوبست ڪري رهيا آهيون،متاثر گهرن جي سروي ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو،سنڌ جو وڏو وزير 8 فيبروري تي پوسٽ جنيوا ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون،ڪانفرنس ۾ ڊونرز کي منصوبا ڏنا ويندا، اسڪول به بحال ڪيا پيا وڃن، 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول سخت متاثر ٿيا آهن،اهڙين عمارتن ۾ ٻارن کي نه ٿو رکي سگهجي،جيستائين عمارتون نه ٺهيون تيستائين خيما اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون ته جيئن تعليم جاري رهي.
فيبروري 1, 2023