مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ماهوار 35 هزار روپيه مقرر ڪئي وڃي: آصف زرداري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 35000 هزار روپيه مقرر ڪئي وڃي. پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي صدر چيو ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ فرض آهي، حڪومت عوام جي پريشانين ۽ تڪليف جي ازالي لاءِ بهتر قدم قدم کڻي. آصف علي زرداري چيو ته مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ماهوار 35000 هزار روپيه مقرر ڪئي وڃي ۽ مزدورن جي 35000 هزار پگهار مقرر ڪرڻ جو سرڪاري سطح تي فيصلو ڪيو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته انهن جي حڪومت واري دور ۾ پگهاردار طبقي جو هميشه خيال رکيو ويو آهي. 2008 کان 2013 جي وچ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون ٻيڻيون ٿي ويون هيون.

فيبروري 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو