پشاور ۾ دھشتگردي: نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت
پشاور جي پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ 44 کان وڌيڪ نمازي شھيد ۽ 160 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميه ڌماڪي ۾ شھيد ۽ زخمي ٿيلن جي لسٽ به جاري ڪري ڇڏي آھي. شھيدن ۾ 5 سب انسپيڪٽرز. مسجد جو پيش امام ۽ ھڪ عورت به شامل آھي. ريسڪيو موجب پشاور جي علائقي صدر پوليس لائينز جي مسجد جي اندر ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ فائرنگ جو آواز پڻ ٻڌو ويو ڌماڪو ظھر جي نماز دوران پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيو ان وقت نماز ادا ٿي رهي هئي. پوليس عملدارن موجب پوليس لائينز ۾ ٿيل ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ حملي آور مسجد جي پھرين صف ۾ موجود هو جنهن نماز دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو. ڌماڪي کانپوء مسجد جي ڇت هيٺ ڪري پئي. ذريعن موجب پوليس لائينز صدر جو علائقو ريڊ زون ۾ آھي ۽ حساس علائقو تصور ڪيو ويندو آھي. وزيراعظم شھباز شريف پشاور پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر تمام گهڻي خطرناڪ حد تائين واڌ ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آھي. نيشنل ايڪشن پلان کانپوء ملڪ ۾ دهشتگردي تي ضابطو اچي ويو هو پر هاڻي ڪجھ مھينن کان وٺي هڪ ڀيرو ٻيھر دهشتگردن ڪر کنيو آھي. موجوده حڪومت ۽ عسڪري قيادت کي گڏجي مستقل پلاننگ ڪري دهشتگردي جي خاتمي لاء موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي هڪ ڀيرو ٻيھر نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آھي ۽ سياسي توڙي فوجي قيادت کي متحد ٿي حڪمت عملي جوڙي ڪارروايون ڪرڻ گهرجن. وقت اچي ويو آھي ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف بيرحماڻو ۽ فيصلائتو آپريشن ڪيو وڃي. ملڪ جون معاشي حالتون اڳ ۾ ئي خراب آھن دهشتگردي سان ملڪ وڌيڪ بحران جو شڪار ٿي ويندو ھاڻي ئي صورتحال تي ڪنٽرول نه ڪيو ويندو ته ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان ڪير نٿو بچائي سگهي. هي وقت سياست کي نه رياست کي بچائڻ جو آھي.
جنوري 30, 2023