نادرا جا ڪارڊ ٺھرائي کدڙا فقير بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ٿي سگھن ٿا: شازيه مري
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) غربت ۾ گھٽتائي ۽ سماجي تحفظ جي وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ کدڙن فقيرن کي بي آء ايس پي جي بينظير ڪفالت ۾ شامل ڪرڻ جو باقاعده افتتاح ڪندي ٽن رجسٽرڊ مستحق کدڙن کي ٽه ماھي 7 هزار رپيا ڏنا. تقريب کي بئريسٽر مرتظيٰ وھاب، پارلياماني سيڪريٽري ايم اين اي نويد عامر جيوا، سيڪريٽري بي آءِ ايس پي يوسف خان، سيڪريٽري پاس غفران ميمڻ، شفاعت علي، خواجه سراءَ ڪميونٽي جي اڳواڻ بنديا رانا، ڊاڪٽر مھرب، ڊاڪٽر سارا گل، اڀيشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. شازيه مري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته کدڙن فقيرن لاءِ بي آءِ ايس پي جي بينظير ڪفالت پروگرام جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آھي هاڻي کدڙن فقيرن جي مالي مدد ڪئي ويندي. شازيه مري چيو ته نادرا جا ڪارڊ ٺھرائي کدڙا فقير بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ٿي سگھن ٿا. رجسٽرڊ کدڙن کي 7 ھزار رپيا ٽه ماھي ملندا. يقين ٿا ڏياريون ته اسين کدڙن فقيرن سان گڏ آھيون ۽ گڏ رھنداسين ڇاڪاڻ ته کدڙا فقير به انسان آھن پاڪستاني آھن. اهي به پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آھن. شازيه مري چيو ته پاڪستان ۾ کدڙن کي تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اينديون رهن ٿيون، اسان جي ڪوشش آھي ته ته سندن مدد ڪري کين ڏکيائين مان ٻاھر ڪڍجي. تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر متظيٰ وھاب، ڊاڪٽر سارا گل، بنديا رانا ۽ ٻين شازيه مري جا ٿورا مڃيا ۽ سندس بهتر قدم جي واکاڻ ڪئي.
جنوري 30, 2023