خيبرپختونخواهه جي 15 رڪني نگران ڪابينه حلف کڻي ورتو
پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينه پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس پشاور ۾ نگران ڪابينه جي حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام علي وزيرن کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وڏي وزير اعظم خان سميت صوبي جون اهم شخصيتون ۽ معزز به موجود هئا. خميس جي صبح خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي نگران ڪابينه جي ميمبرن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. نوٽيفڪيشن موجب عبدالحليم، قصوريه، حامد شاهه، سيد مسعود شاهه، غفران ۽ تاج محمد آفريدي کي نگران سيٽ اپ جو حصو بنايو ويو آهي. سانول نذير ايڊووڪيٽ، بخت نواز، فضل الاهي، عدنان جليل، شفيع الله ۽ شاهد خان به نگران ڪابينه جو حصو هوندا. جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ محمد علي شاهه، جستس ريٽائرڊ ارشاد قيصر ۽ منظور خان آفريدي شامل آهن. خيبرپختونخواهه جي گورنر طرفان اعظم خان سان مشاورت کان پوءِ نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي. گورنر ۽ نگران وڏي وزير اعظم خان وچ ۾ 5 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ۽ مشاورت کان پوءِ نگران ڪابينه جي نالن جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان کان ڪابينه لاءِ مشاورت نه ڪئي وئي.
جنوري 27, 2023