فواد چوڌري گرفتار، اسلام آباد منتقل، لاھور ھاءِ ڪورٽ آءِ جيز کي طلب ڪري ورتو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو. فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو. پوليس ذريعن موجب فواد چوڌري کي سندس رهائشگاهه ويجهو گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن جي تصديق پي ٽي آءِ اڳواڻ فرح حبيب طرفان ڪئي وئي آهي. فرخ حبيب ٽوئيٽ ڪئي آهي ته فواد چوڌري کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي هٿڪڙيون لڳائي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس طرفان فواد چوڌري کي اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري جي وڪيل طرفان راهداري رمانڊ تي اعتراض ڪيو ويو، عدالت پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. فواد چوڌري کي لاهور کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي درخواست تي گذريل رات دير سان فواد چوڌري تي ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.فواد چوڌري جي پيشي جي موقعي تي وڪيلن طرفان گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته ايتري پوليس منهنجي پويان لڳائي وئي جيئن جيمز بانڊ کي پيش ڪري رهيا آهن. منهنجو ته راهداري رمانڊ به نٿو بڻجي. منهنجو ميڊيڪل ڪرايو وڃي. مون کي دهشتگردن جيان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري کي فوري طور تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پنجاب ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز کي طلب ڪري ورتو آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري کي حبس بيجا ۾ رکڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڏيڍ وڳي فواد چوڌري کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وفقي کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻي ٿي پر فواد چوڌري کي پيش نه ڪيو ويو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته فواد چوڌري جتي به آهي ان کي فوري طور تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻڌايو ته رپورٽون آهن ته فواد چوڌري کي اسلام آباد کڻي ويا آهن جسٽس طارق سليم شيخ حڪم ڏنو ته مان جيڪو حڪم ڪندو آهيان اهو عمل ڪرڻ لاءِ هوندو آهي منهنجو حڪم آهي ته فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته اڌ ڪلاڪ ڏيو، هن وقت ئي عمل ڪرايون ٿا جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 2 وڳي کان پوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته تڏهن به فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو جنهن تي عدالت ٻڌڻي 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 3 وڳي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته فواد چوڌري جي وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته پوليس فواد چوڌري کي کڻي اسلام آباد روانو ٿي وئي آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اطهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسلام آباد پهچي به ويا آهن ته ان کي فوري طور تي آندو وڃي. ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته هڪ ٻيو ڪيس داخل ٿيو آهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته مان اوهان کي بعد ۾ ٻڌندس، پهريان حڪم تي عمل ڪرايو وڃي. عدالت آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪندي ٻڌڻي شام 6 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جنوري 26, 2023