سمورن ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سمورن ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان ۾ گليشيئر تيزي سان پگهري رهيا آهن، پاڪستان مسئلن جي حل لاءِ سمورن ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته دنيا کي معاشي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا جهڙا مسئلا درپيش آهن، هاڻي کڄندڙ قدم اسان جي مستقبل کي طئي ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو، اسان کي خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، دنيا کي موسمياتي تبديلين جا اثر درپيش آهن، 2022ع ۾ پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، لکين گهر ۽ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل متاثر ٿيا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين ۽ معيشت جي بحالي اولين ترجيح آهي، سڄي دنيا ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.
جنوري 25, 2023