ملڪ 50 هزار ارب جو قرضي آهي، هر سال 20 ارب ڊالر ادا ڪرڻا پوندا آهن: مفتاح اسماعيل
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته روزگار رڳو بلوچستان جو نه پر سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي. ڪوئيٽا ۾ پاڪستان کي نئين سر تصور ڪرڻ بابت قومي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل سوال ڪيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته اهڙو پاڪستان ڪيئن ٺاهيو وڃي جيڪو سڀني لاءِ سٺو هجي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان کي سٺو بڻائڻ چاهيون ٿا ته اهو ڪم اسان کي ڪرڻو پوندو، ملڪ هن وقت 50 هزار ارب رپين جو قرضي آهي، اسان کي هر سال 20 ارب ڊالر ادا ڪرڻا پوندا آهن. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل سال عمران خان 18 ارب جو خسارو ڇڏيو، ملڪ ۾ 80 ڪروڙ ماڻهو غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان کي باوقار قوم بڻائڻ لاءِ پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، هر پاڪستاني کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو. هن چيو ته اسان تعليم تي 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري رهيا آهيون، اسان کي اسڪولن جو نظام بهتر ڪرڻو آهي، اسان کي اهو تصور ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ۾ ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ 15 کان 50 سالن جي عمر جي 42 سيڪڙو عورتن ۾ آئرن جي کوٽ آهي، روزگار نه رڳو بلوچستان پر سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي، اسان سڀني پاڪستانين کي روزگار ڏيڻو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته بلوچستان کي هن سال اين ايف سي ايوارڊ ۾ 400 ارب رپيا ملندا. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهو غريب آهن، ڏسڻو پوندو ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون، 60 سيڪڙو پاڪستاني اهڙا آهن جن جي آمدني 35 هزار رپين کان گهٽ آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته هر پاڪستاني جي آمدني وڌائڻي آهي، ڇو نه ائين ڪريون ته جيئن ماڻهن کي سٺي روزي ملي، اسان کي تصور ڪرڻو پوندو ته هر پاڪستاني جي آمدني هڪ لک رپيا آهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي، قصور هارين جو نه پر پاليسي ٺاهيندڙن جو آهي، اهي ڇو نٿا سوچين ته ملڪ ۾ صحت جا سمورا موقعا ۽ سهولتون موجود آهن، ملڪ ۾ ڀائيچاري ۽ محبت وڌائي سگهون ٿا.
جنوري 22, 2023