قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيون. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ان تي اڄ ئي ڪارروائي ڪندو. عمران خان پاران پارليامينٽ ۾ واپسي واري بيان کان پوءِ اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. اسپيڪر طرفان جن 35 پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن. ان ۾ ڊاڪٽر حيدر علي خان، سليم خان، صاحبزاده صبغت الله، عامر ڪياني، امجد خان نيازي، سيد فخر امام، مخدوم خسرو بختيار، عندليب عباس، مليڪه بخاري، محبوب شاهه، بشير خان، جنيد اڪبر، شير اڪبر خان، علي خان جدون، عثمان ترڪئي، مجاهد علي، ارباب عامر ايوب ۽ شير علي ارباب شامل آهن. اسپيڪر 31 جنرل ۽ 4 مخصوص سيٽن جون استعيفائون قبول ڪيون آهن. جڏهن ته هڪ ٻئي پٺيان منظور ٿيندڙ گڏيل استعيفائن جو انگ 80 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اڄوڪو ٿيندڙ اجلاس پي ٽي آءِ جي استعيفائن سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. ايوان ۾ پي ٽي آءِ جي استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن کان علاوه صرف 30 کان وڌيڪ ميمبر ئي باقي بچيا آهن. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن جي استعيفائن تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ ميمبرن کي اڄ ئي ڊي نوٽيفاءَ ڪيو ويندو. ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 17 جنوري تي پي ٽي آءِ جي 34 ميمبرن ۽ شيخ رشيد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي هئي.

جنوري 21, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو