چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن آهي ته ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ

Spread the love

ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانس شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانس ڪراچي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ٿي گذريو . اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، جسٽسر) شائق عثماني، رخسانه راهوجا، شمائل سڪندر، اقبال لالاڻي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمٰان شرڪت ڪئي. جڏهن ته وائس چانلسر اين اي ڊي يونيورسٽي پروفيسر سروش حشمت لوڌي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾  ڪنهن قسم جي دير برداشت نه ٿي ڪري سگھجي. هن چيو ته پروجيڪٽ سبب شھري تمام گھڻي ڏکائين کي منهن ڏئي رهيا آهن،  حڪومت چاهي ٿي ته پروجيڪٽ مقرر وقت تي مڪمل ٿئي. صوبائي وزير چيو تہ  ڪي ايم سي الادين پارڪ ۾ بس ڊيپو جي تعمير لاءِ زمين ٽرانس ڪراچي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پروجيڪٽ جي بائيو گيس پلانٽ جي تعمير جي  به جلد کان جلد شروعات ڪئي وڃي. ھن چيو ته پاڪستان جي پھرين اليڪٽرڪ بس سروس ڪراچي شھر ۾ شروع ڪئي آهي ، جڏهن ته  بي آر ٽي ريڊ لائن پاڪستان جو پهريون بايو گيس منصوبو آهي، ٽرانسپورٽ کاتو ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ٽرانسپوٽ جي منصوبن تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي.

جنوري 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو