وڏي وزير جو حافظ نعيم الرحمان سان فون تي رابطو، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي فون ڪري خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته حافظ نعيم کي جيڪي به جائز خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جماعت اسلامي چونڊ مسئلن تي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري، هنن جا جيڪي مسئلا سنڌ حڪومت سان آهن انهن کي اسان حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين. ٻئي طرف حافظ نعيم الرحمان تصديق ڪندي چيوته سنڌ جي وڏي وزير ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسان اوهان سان ملي هلڻ چاهيون ٿا. وڏي وزير سان ميئر شپ جي حوالي سان ڳالهيون ناهن ٿيون. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سعيد غني چوي ٿو ته ٽي وي تي ويهڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. مرتضيٰ وهاب چوي ٿو ته ڌرڻو ڏيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. مسئلو حل نه ڪيو ويو ته سمورا آپشن موجود آهن. پي ٽي آءِ سان اتحاد جو آپشن کليل آهي. اسان جو آئيني جمهوري حق ڪير به ڦري نٿو سگهي. اسان پنهنجي مينڊيٽ جو مڪمل تحفظ ڪنداسين. جماعت اسلامي جي امير چيو ته جن ماڻهن مينڊيٽ ڏنو آهي ان جو احترام هجڻ گهرجي، اسان پيپلز پارٽي جي جائز مينڊيٽ کي مڃون ٿا، پيپلز پارٽي کي به گهرجي ته اها اسان جي مينڊيٽ کي مڃي.
جنوري 19, 2023