جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ٽي وي تي ويهي ميئر گهرڻ سان نه ملندو: سعيد غني

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) پ پ ڪراچي جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي ترجيح جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪرڻ آهي. ڳالهين سان ئي اهو طئي ٿي سگهندو ته ميئر جماعت اسلامي جو هوندو يا پيپلز پارٽي جو. ٽي وي تي ويهي ميئر گهرڻ سان نه ملندو ان لاءِ اسان ويهي ڳالهين سان مسئلي جو حل ڪڍي سگهون ٿا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته حافظ نعيم الرحمان تائين جيڪي رپورٽون پهچايون پيون وڃن اهي صحيح نه آهن. حافظ نعيم وٽ 94 سيٽون کٽڻ جا اطلاع غلط آهن. هن چيو ته اسان جي ترجيح جماعت اسلامي آهي اسان انهن سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. وڌيڪ بهتر هوندو ته جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي پاڻ ۾ ويهي اهو طئي ڪري سگهن ٿا ته ميئر جماعت اسلامي جو هوندو يا پيپلز پارٽي مان پر اهي سمورا معاملا ڳالهين ذريعي طئي ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي کٽيندڙ اميدوارن به ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني آهي ته ووٽ گهٽ آهن. پارٽي جي درخواست تي ٻيهر ڳڻپ تي اسان طوفان پيدا نه ڪيو. اختر ڪالوني جي يوسي تي ٻيهر ڳڻپ ٿي. جماعت اسلامي کي اندازو ٿيو ته اختر ڪالوني جي سيٽ وڃي ٿي ته انهن هنگامو ڪيو. اسان کي به ڪيترين ئي جڳهين تي نتيجن تي اعتراض آهي. سعيد غني چيو ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ جماعت اسلامي آر او آفيسر کي يرغمال بنايو، حافظ نعيم الرحمان ڪمشنر سان ڳالهيون ڪندي کيس ڌمڪيون ڏنيون. سرڪاري آفيسر کي ڌمڪيون ڏيڻ يا يرغمال بنائڻ مناسن ناهي اهي طور طريقا ڪنهن ٻئي جا ٿي سگهن ٿا جماعت اسلامي جا نه. هن چيو ته اسان جا ڪجهه ماڻهو ناراض هئا، ڪاوڙ ۾ هئا، اسان پنهنجي جذباتي ۽ روڊن تي ايندڙ ڪارڪنن کي سمجهائيندا آهيون اسان جا ڪارڪن به جذباتي آهن. ڪاوڙ ۾ آهن جيڪڏهن سڀ ڌمڪيون ڏيندا ۽ يرعمال بنائيندا ته صورتحال ئي عجيب ٿي ويندي. صوبائي وزير چيو ته جماعت اسلامي کي اميد کان وڌيڪ سيٽون مليون پر اسان جون سيٽون اميد کان وڌيڪ نه هيون. لياري جو علائقو اسان جو آهي اتي 12 مان 11 سيٽون کٽيون ته ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه ناهي، منگهو پير ٽائون ۾ 16 مان 10 سيٽون ته حيرت جي ڳالهه ناهي. هڪ پارٽي ٻُڙي کان 100 تي هلي وڃي ته حيرت جي ڳالهه آهي. جماعت اسلامي جتي جتي احتجاج ڪيا، سيٽون انهن جون ئي نڪتيون. هن چيو ته سينٽرل ۾ ڪنهن اهڙي علائقي مان سيٽ ناهي کتي جو ڪنهن کي حيرت هجي. ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي علائقن مان جماعت اسلامي کٽي وڃي ته ان ۾ حيرت ناهي.

جنوري 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو