پي ٽي آءِ ميمبرن جو استعيفائون منظور، سير مٿان سوا سير!

Spread the love

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اوچتو ئي ڪيترن ئي مھينن کان پي ٽي آءِ ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون آھن. اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي 35 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون آھن جن ۾ پرويز خٽڪ، قاسم سوري، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور، نورالحق قادري، عطاءُ الله، راجا خرم نواز، عمران خٽڪ، مراد سعيد، عمر ايوب، شھريار آفريدي، صداقت علي، غلام سرور خان، شيخ راشد شفيق، منصور حيات خان، فواد احمد، ثناءُ الله خان مستي خيل، حماد اظھر، شفقت محمود، عامر ڊوگر، فواد چوڌري، شاھ محمود قريشي، زرتاج گل، فھيم خان، سيف الرحمان، عالمگير خان، علي زيدي، آفتاب حسين صديقي، آفتاب جھانگير، محمد اسلم خان، نجيب هارون، عاليه حمزه، ڪنول شوذب شامل آھن ان سان گڏوگڏ عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد کي به ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آھي. اسپيڪر پي ٽي آءِ جي 11 ايم اين ايز جون استعيفائون اڳ ئي منظور ڪري چڪو آھي. عمران خان پنجاب اسيمبلي معاملي تي ته پي ڊي ايم کي سرپرائيز ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ته هن ٻه اعلان ڪيا هڪ ته شھباز شريف کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان ۽ ٻيو اسيمبلي ۾ واپس اچي نگران وزيراعظم جي عمل ۾ مشاورت ۾ شامل تيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو فيصلو ڪرڻ ھو. جنهن تي پي ڊي ايم حڪومت عمران خان کي سرپرائيز جي ڀدلي سرپرائيز ڏيندي هڪ ئي ڌڪ ۾ 35 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون. عمران خان سير ته پي ڊي ايم سوا سير ثابت ٿي آھي. هاڻي اليڪشن ڪميشن خالي تي سيٽن تي ننڍي چونڊ ڪرائيندي ۽ پي ڊي ايم جيتريون به سيٽون کنيون ان سان هڪ ته شھباز شريف جي حڪومت مضبوط ٿيندي ۽ ٻيو ته نگران سيٽ اپ ۾ به پي ڊي ايم جي مڪمل مرضي هلندي. پي ڊي ايم عمران خان کي وڏو سرپرائيز ڏئي ڇڏيو آھي.  ملڪ جي سياسي صورتحال به هر روز دلچسپ ٿيندي پئي وڃي ۽ اليڪشن تائين اڃا کوڙ ساريون ڊرامائي تبديليون اينديون. سڄي صورتحال ان تي اچي بيٺي آھي ته چونڊون ڪڏھن ٿينديون؟ پنجاب اسيمبلي ٽٽي چڪي آھي ۽ ڪي پي اسيمبلي به هلندڙ ھفتي ٽٽڻ جا امڪان آھن. پي ٽي آءِ جيڪڏھن سنڌ اسيمبلي مان استعيفا ڏيندي ته پ پ پ وارا دير ئي نه ڪندا استعيفائون قبولڻ ۾ ۽ ننڍي چونڊ ڪرائي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي ايز جي سينچري مڪمل ڪري وٺندا. عمران خان پي ڊي ايم کي ڏھ ھنيا آھن ته پي ڊي ايم جواب ۾ عمران خان کي تيرنھن هنيون آھن.

جنوري 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو