پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي 246 يوسيز مان 100 يوسيز تي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ڊويزن جي 246 يوسيز مان 100 يوسيز تي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته مڪاني چونڊن ثابت ڪري ڇڏيو ته پيپلزپارٽي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪراچي واسين جو پهرين به پ پ تي اعتماد هو ۽ هاڻي به آهي، خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها، احتجاج سندن حق آهي. هن چيو ته ڪابه پابندي نٿا هڻي سگهون، جماعت اسلامي اسان کان پوئتي آهي، ڪاميابي تي کين واڌايون هجن، پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ سنگل لارج پارٽي بڻجي وئي آهي، پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ جماعت اسلامي سميت ٻين ڌرين سان ڳالهائينداسين. پي ٽي آءِ سان اتحاد جو ڪوبه ارادو ناهي، پيپلزپارٽي جي ننڍڙي جيالي پي ٽي آءِ جي ميئر لاءِ بيٺل اميدوار خرم شير زمان کي هارائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي دماغ مان هوا نڪري وئي، ڪراچي واسين عمران خان ۽ سندس پارٽي کي رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي رهواسين کي يقين ڏياريون ٿا ته پيپلزپارٽي اوهان جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.

جنوري 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو