پارلياماني جهموريت ۾ بحران ايندو آهي ته چونڊون جو رستو اختيار ڪبو آهي: فواد چوڌري
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اميد آهي ته پي ٽي آءِ اڄ پنجاب ۾ نگران سيٽ اَپ لاءِ نالا فائنل ڪري وٺندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پارلياماني جهموريت ۾ بحران ايندو آهي ته چونڊون جو رستو اختيار ڪبو آهي، چوڌري پرويز الاهي سان به ملاقات ۾ صلاح مشورو ڪيو ويندو. هن چيوته باغي ميمبر رابطو ڪري رهيا آهن پر هاڻي ملاقات جي ضرورت نه آهي، کين پارٽي طرفان شوڪاز جاري ڪيو ويو ان جو جواب ڏين.
جنوري 16, 2023