مڪاني چونڊن دوران امن امان جي صورتحال مان مطمئن آهيون: آءِ جي سنڌ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري مڪاني چونڊن دوران امن امان جي صورتحال کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهين دوران چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته پولنگ مٽيريل جي ورهاست رات دير تائين مڪمل ڪئي وئي هئي. اڄ وقت تي پولنگ جو عمل شروع ٿيو هڪ ٻن جڳهن تي دير ٿي آهي. هن چيو ته چونڊن دوران ڪٿي به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو، لائنز ايريا جي مقامي ايم پي اي شڪايت ڪئي، جنهن کان پوءِ اسان اتي پهتا آهيون، جتي به اسان کي شڪايت ملي اسان اتي پهچي وينداسين. چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي خدشا اڳ به هئا جنهن لاءِ پوليس، رينجرز ۽ ايجنسي ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته چونڊن جي لاءِ 68 هزار اهلڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن، اها لوڪل باڊي جي چونڊ آهي ۽ لانڍي ۾ جيڪو به ٿيو اهو ننڍن وڏن معاملن ۾ ٿيندو آهي. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ صورتحال بهتر آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري به مطمئن آهي.

جنوري 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو