سنڌ ۾ مڪاني چونڊون جو ٻيو مرحلو، پيپلز پارٽي کي سرسي

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن سميت ٻين ضلعن پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ مختلف تڪن مان غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو به جاري آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن سميت  سمورن ضلعن ۾ صبح 8 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. اڄ صبح ٿڌ ۾ ووٽنگ جي گهٽ شرح ۾ ٻهپريءَ بعد بهتري آئي ۽ مڪاني اميدوارن جي چونڊ جو فيصلو  ڪرڻ لاءِ عوام گهرن کان ٻاهر نڪري آيو. ڪٿي پولنگ اسٽيشنز ويران رهيا ته ڪٿي ماڻهن جو قطارون نظر آيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي ووٽرن جو انگ وڌيڪ رهيو. حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن سجاول بدين، ٺٽو، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊولهيار، مٽياري ۽ دادوءَ ۾ به ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. ڪراچي ۾ چار هزار نوَ سئو ستانوي حيدرآباد ۾ ڊويزن ۾ اٺ هزار 876 پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون هيون جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. جڏھن ته مختلف شهرن ۾ ڏند چڪ ۽ جيهڙن جا واقعا پيش آيا آهن. ڄامشوري ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ دوران عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ مردن جي داخل ٿيڻ تي سياسي جماعتن جي ڪارڪنن  ڏند چڪ ڏنا جنهن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي. ٽنڊو الهيار ۾ پولنگ اسٽشن بختاور پتافي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته دادوءَ ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڏند چڪ ڏنا. سيوهڻ جي يونين ڪائونسل  ٽلٽي جي پولنگ اسٽيشن تي پڻ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، هڪ جماعت پنهنجي پولنگ ايجنٽ کي ٻاهر ڪڍڻ تي آر او آفيس سيوهڻ ٻاهران احتجاج پڻ ڪيو. جڏھن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ چار سئو ڏهه ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ به ٽي سئو ڏهه اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن ۽ 27 اميدوار وفات ڪري چڪا آهن، جنهن بعد حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ 1675 ۽ ٺٽي ڊويزن جي ضلعن ۾ سمورين ڪٽيگريز جي 709 سيٽن تي چونڊون ٿي رهيون آهن، مجموعي طور تي 17862 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن جن مان 9057 اميدوارن جو واسطو ڪراچي، 6228 حيدرآباد ۽ 2577 جو واسطو ٺٽو ڊويزن سان آهي.

جنوري 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو