پھرين اليڪٽرڪ بس سروس جو افتتاح، سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون نٿي روڪرائي سگهي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون نٿي روڪرائي سگهي. اُن کان اڳ سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب کي قانوني ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت جو ٽاسڪ ڏنو هو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ صوبائي وزير شرجيل انعامميمڻ جو نئون بيان سامهون آيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪوبه آرڊيننس نه پئي آڻي. صوبائي وزير چيو ته فوج پولنگ اسٽيشنز تي اهلڪار مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تڪبندين جو نوٽيفڪيشن ايم ڪيوا يم پاڪستان جي مطالبي تي واپس ورتو هو، اليڪشن ڪميشن اسان جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، امن امان برقرار رکڻ پوليس ۽ رينجرز جي ذميواري آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي پھريون اليڪٽريڪل گاڏيون آھن جيڪي مڪمل طور تي ماحول دوست آھن، 50 اليڪٽرڪ بسن جي کيپ مان ھن سروس جي شروعات ڪئي وئي آھي، جلد ئي بسن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو. اليڪٽرڪ بس ھڪ دفعو جي چارجنگ ۾ 240 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگھي ٿي، بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد انوائرمينٽ بھتر ھجي، گھٽ کان گھٽ ڪرائي ۾ بھتر سھولت ڏني ويندي. ايئرپورٽ تي ڪابھ اھڙي بس ناھي جيڪا ايئرپورٽ جي مسافرن جي لاءِ ھجي،
جنوري 14, 2023