پنجاب ۾ گورنر راڄ جو آپشن به موجود آهي: رانا ثناءٌ الله
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب ۾ گورنر راڄ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جينيوا ڪانفرنس ۾ دنيا شهباز شريف جي اپيل تي پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان جون اميدون پوريون ٿيون ۽ دنيا اميدن کان وڌيڪ مدد ڪئي. هن چيو ته هنيئر تائين يارنهن ارب ڊالر جي مدد ٿي چڪي آهي جنهن ۾ وڌيڪواڌ جو امڪان آهي، دنيا جي مدد پاڪستان ۽ اتحادي حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، اِهو اعتماد عمران خان جي تي چماٽ آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته هي امداد آهي، قرض نه آهي، ان امداد ذريعي عمران خان جي ڪيل تباهي مُلڪ کي ڪڍيو ويندو، ڊالر سستو ٿيندو، مهانگائي لاٿ ايندي ۽ ماڻهن جي ڪاوڙ به گهٽبي. هن پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته عمراني ٽولي ملڪي معيشت جو حشر نشر ڪري ڇڏيو، پرويز الاهي هن وقت مڙهيل آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ پنجاب کي اهڙي طرح لٽيو ويو آهي جنهن جو مثال نٿو ملي، ڦرلٽ ۾ عمراني ٽولو، پرويز الاهي ۽ سندس پٽ شامل آهي. پرويز الاهي سميت ڪير به اسان کي پنجاب اسيمبلي اچڻ کان روڪي نه ٿو سگهي، پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو آپشن به موجود آهي. هن پرويز الاهي ۽ عمران خان کي ڊالر جي مهانگي ٿيڻ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سندن ماڻهن ڊالر خريد ڪري پرڏيهه اسمگل ڪيو، هو ڊالر جي مهانگي ٿيڻ جا ذميوار آهن، هن مني لانڊرنگ ڪئي، مونس الاهي واپس اچي ۽ ڳالهين جو جواب ڏي. پنجاب اسيمبلي جي صورتحال تي ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته گذريل ڏينهن چور پاڻ مليا آهن، سندن ناپاڪ چهرا عوام جي آڏو وائکا ٿي چڪا آهن، اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسان جا نمبر 186 آهن، اسان جا نمبر 179 آهن، اسيمبلي اچڻ کان روڪڻ غيرآئيني قدم هوندو، کين اعتماد جو ووٽ هر صورت ۾ وٺڻو پوندو، غيرقانوني عمل ڪندا ته پاڻ کي خساري ۾ رهندا. گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ وٽ نمبر پورا نه آهن، اهڙي صورتحال ۾ گورنر راڄ جو به امڪان پيدا ٿي ويو آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پرويز الاهي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، کيس خبر آهي ته عمراني ٽولو به هن کا ناراض آهي، تنهن ڪري اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان لنوائي رهيو آهي.
جنوري 11, 2023