جينيوا ڪانفرنس پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون: شهباز شريف

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت جينيوا ۾ ڊونر ڪانفرنس کي پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي مالياتي ادارن ۽ ملڪن پاران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا ڏٺو ته ڪيئن قومون انساني الميي ۾ متاثرن بحالي لاءِ گڏ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪنديون آهن، جينيوا ڪانفرنس ۾ همدردي جي اظهار سبب متاٿر ٿيو آهيان ۽ اسان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي نئين سر بحالي تي ڪم ڪنداسين. ٻئي پاسي سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جينيوا ڪانفرنس پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته شفافيت سان فنڊز عوام تائين پهچائينداسين ۽ سندن زندگين ۾ تبديلي آڻينداسين، انسانيت ۽ موسمياتي تبديلين واري معاملي تي اثرائتي انداز ۾ جاڳرتا مهم هلائڻ تي ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جا به ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته هي ڪانفرنس انساني جي گڏيل احساس جي علامت بڻي آهي، وسيلن جي فراهمي سان ٻوڏ متاثرن جي نئين ۽ بهتر زندگي شروع ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪانفرنس موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن جو دنيا کي احساس ڏياريو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ ايندي ئي وزيراعظم سمورن صوبن ۽ ادارن سان گڏجي اجتمائي ڪوششون ڪيون، هي اتحادي حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.

جنوري 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو