ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون مڪمل، ايندڙ ميئر پ پ جو هوندو: سعيد غني
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون پندرنهن جنوري تي ڪرائڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ بئنچ جو محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون. ذريعن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني چونڊون پراڻي ووٽر لسٽن تحت ئي ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اليڪشن جو شيڊول تبديل ناهي ٿيو رڳو تاريخ ملتوي ٿي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو هوته ڪراچي جي مڪاني چونڊون ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي ۽ مڪاني چونڊون پندرنهن جنوريءَ تي ئي ٿيندي. ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر پ پ جو هوندو. هڪ ۾ بيان سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ سياسي سرگرمين تي ڪائي بندش نه آهي، ايم ڪيو ايم جڏهن چاهي چونڊ مهم شروع ڪري سگهي ٿي. هن دعويٰ ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪراچيءَ مان تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي، ڪراچي جو ايندڙ ميئر پ پ جو ئي هوندو. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي قانونن کان واقف آهيون، اليڪشن ڪميشن جي قانونن ڪا ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.
جنوري 9, 2023