حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جا شرط پورا ڪندي: وزيراعظم شھباز شريف

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ بابت عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي  جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنجينگ ڊائريڪٽر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران کيس ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي اقتصادي ڏُکيائن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف وفد جلد پاڪستنا ايندو، عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جا شرط پورا ڪرڻ بابت پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف وفد جلد پاڪستنا ايندو، عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جا شرط پورا ڪرڻ بابت پرعزم آهيون. ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير رانا ثناالله چيو آهي ته دوست ملڪ چون ٿا ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان معاهدو ڪيو جنهن کانپوءِ ئي هو مدد ڪندا. رپورٽ موجب فيصل آباد ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ ڊيفالٽ نه ٿي وڃي پر هڪ بي شرم ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي. عمران خان طرف اشارو ڪندي رانا ثناالله چيو آهي ته هو شخص ٽي وي تي ويهي پروپيگنڊا ڪندو آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ لڳو آهي، ان پروپيگنڊا کي هڪ جماعت منصوبي تحت وٺي وڃي رهي هئي، هو ماڻهو بي بنياد پروپيگنڊا ڪرڻ جو ماهر آهي ۽ ڪندو ويندو آهي. گهرو وزير  اهو به چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن هن جي چوڻ تي پنهنجي مخالفن کي گاريون ڏنيون، چور چور چيو پوءِ پادر لڳا ته سڌا ٿي ويا.

جنوري 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو