سنڌ حڪومت جا 3 لک ڪڻڪ ۽ ڪراچي لاءِ 43 نيون بسن جي خريداري ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جا فيصلا
ڪراچي(رپورٽ ضياءِ قريشي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪمند جي فصل 23-2022ع لاءِ ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه هڪ مڻ (40 ڪلو) 302 رپيا مقرر ڪرڻ، مقامي ڪونسلن ۾ ٽرانسجينڊرن لاءِ خاص سيٽون رکڻ ۽ پيپلز بس سروس ڪراچي تحت وڌيڪ 40 بسن جي خريداري بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪابينا اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪمند جو اگهه: وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته هن ڪمند جي نئين قيمت تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هارين، ملز مالڪن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيترائي اجلاس ڪيا آهن جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو پنهنجو پنهنجو نقطو سامهون آيو آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ڪمند جي في مڻ (40 ڪلوگرام) جو اگهه 300 رپيا مقرر ڪيو آهي تنهنڪري هن ڪابينا کي تجويز ڪيو ته 23 نومبر 29، 2022 کان شروع ٿيندر ڪرشنگ سيزن لاءِ ڪمند جو في مڻ (40 ڪلوگرام) 302 رپيا اگهه مقرر ڪري. ڪابينا ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 302 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ 99-1989۾ وفاقي حڪومت پاران منظور ڪيل ڪمند جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 0.50 رپيا (50 پئسا) في 40 ڪلوگرام مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. لوڪل ڪائونسلن ۾ مخصوص سيٽون: سماج جي هر طبقن لاءِ برابري جي حقن واري پاليسي تي يقين رکندي صوبائي ڪابينا لوڪل ڪائونسلن ۾ ٽرانسجينڊرن لاءِ مخصوص سيٽن جي منظوري ڏني آهي. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه جي درخواست تي صوبائي ڪابينا 6 ڪيٽيگريز تي ٻڌل لوڪل ڪائونسلن لاءِ مخصوص سيٽون رکڻ تي غور ويچار ڪيو. انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيٽ عورتن ۽ نوجوانن لاءِ، هڪ سيٽ مزدورن يا هارين لاءِ، هڪ سيٽ غير مسلم ميمبرن لاءِ، هڪ سيٽ معذورن لاءِ ۽ هڪ سيٽ ٽرانسجينڊرن لاءِ شامل آهن. ڪراچي لاءِ وڌيڪ بسن جي خريداري: ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي درخواست تي صوبائي ڪابينا شهر ۾ اڳ ئي هلندڙ پيپلز بس سروس لاءِ 40 وڌيڪ 12 ميٽر هائبرڊ بسون خريد ڪرڻ لاءِ 1.7 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبي ۾ سياحتي هنڌن لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو. ڪابينا ثقافت واري وزير سردار شاهه کي هدايت ڪئي ته هو لکت ۾ تجويز پيش ڪري ته جيئن ڪراچي کان وڏن سياحتي هنڌن جهڙوڪ ڪيجهر، ٿر، رني ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ڏانهن بسون هلائي سگهجن. تعليمي ڇوٽ: صوبائي ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ سزا يافته 9 قيدين کي تعليمي ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها رعايت ATC تحت 9 عمر قيد ماڻيندڙ قيدين جي حق ۾ ڏني وئي، جن ۾ عبدالجبار (16 مهينا)، محمد علي (6 مهينا)، سيد امير حسين (6 مهينا)، خالد عباس (6 مهينا)، سيد شهزاد علي (6 مهينا)، علي رضا (10 مهينا)، آصف علي (16 مهينا)، سيد نيئر رضا (22 مهينا) ۽ خالد عزيز (10 مهينا) شامل آهن. انهن سزا يافته قيدين ادب (سنڌي/اردو)، ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جا امتحان پاس ڪيا آهن ۽ تعليمي رعايت جا اهل آهن. غذائي کوٽ پروگرام کي PPHI ڏانهن منتقل ڪرڻ: صحت کاتي هڪ ايجنڊا آئٽم پيش ڪيو جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي ته غذائي کوٽ پروگرام جو انتظامي ڪنٽرول پيپلز پرائمري هيلٿ انيشيٽو (PPHI) سنڌ جي حوالي ڪيو وڃي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڪابينا کي ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ اڳواٽ ئي دادو ۽ ڄامشورو ۾ نيوٽريشن سروس شروع ڪري چڪي آهي جڏهن ته صحت کاتو 21 ضلعن ۾ پروگرام هلائي رهيو آهي. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏيندي صحت کاتي کي پروگرام پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هلندڙ مالي سال ۾ سنڌ حڪومت 2 ارب 90 ڪروڙ رپيا غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ رکي آهي. ڪڻڪ جي خريداري: ڪابينا صوبي جي ڪڻڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پاسڪو کان 300,000 ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن مارچ جي شروعات ۾ نئين فصل لهڻ تائين ڪڻڪ جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي فصل 23-2022ع جي خريداري لاءِ فيبروري جي شروعات کان ضروري انتظام ڪيا وڃن ته جيئن خريداري جو هدف حاصل ڪري سگهجي. منشيات بحالي جا سينٽرز: صوبائي ڪابينا سماجي ڀلائي واري وزير ساجد جوکيو جي درخواست تي اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) سان هڪ معاهدو ڪرڻ واري تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن منشيات بحالي جا ٻه مرڪز قائم ڪيا وڃن جن مان هڪ ريهبليٽيشن ڪي ايم سي ليپروسي اسپتال منگھوپير ۽ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس، ملير ڪراچي شامل آهن. ANF اڳ ۾ ئي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جي عوام کي مفت خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. بلديا فيڪٽري متاثرن لاءِ پينشن: محنت واري صوبائي وزير سعيد غني اجلاس کي ٻڌايو ته بلديا فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو واقعو نومبر 2012ع ۾ پيش آيو. هن وڌيڪ چيو ته جرمن برانڊ KiK Textilian فوت ٿيندڙ ۽ زخمي مزدورن جي خاندانن جي امداد ۽ معاوضي لاءِ 1 ملين ڊالر امداد ڏني ۽ اها رقم سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران رحمت حسين جعفري جي اڳواڻي هيٺ قائم ڪيل ڪمپينسيشن ڪميشن کي فنڊز جي ورڇ لاءِ سونپي وئي. سنڌ حڪومت فوت ٿيل فيڪٽري مزدورن جي جائز وارثن کي پينشن جي رقم SESSI ذريعي فراهم ڪري رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جرمن فرم KiK Textilian پاران 5.15 ملين ڊالر جو ڊگھي عرصي وارو معاوضو فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جنهن ۾ ILO کي 0.25 ملين ڊالر جي مارجن به شامل آهي ته جيئن متاثرن ۾ ماهوار بنياد تي سيسي ذريعي لائف ٽائم پينشن اسڪيم ذريعي ورهائي وڃي. سعيد غني ڪابينا کي ٻڌايو ته آءِ ايل او جنيوا فنڊ کي انشورنس ڪمپني (اي ايف يو ايسورينس لميٽيڊ) کي ادائيگي ايجنٽ طور منتقل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪابينا درخواست جي منظوري ڏني ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ کي اجازت ڏني ته هو آءِ ايل او سان هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪري ته جيئن فنڊ انشورنس ڪمپني کي منتقل ڪيا وڃن ته جيئن اتان پينشن جي ورهاست کي يقيني بڻائي سگهجي. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون: سنڌ ڪابينا ڌاٻيجي انڊسٽريل زون لاءِ پرائيويٽ پارٽنرز (مس زيڊ ڪي بي ڊولپرز) سان عارضي مدد واري معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪو سي پيڪ تحت سنڌ حڪومت جو پهريون ترجيحي منصوبو آهي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جي ترقي لاءِ 1530 ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي. زون 100,000 سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪريون پيدا ڪندو ۽ پاڪستان ۾ صنعتڪاري ذريعي برآمدات کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندو. پراجيڪٽ سنڌ اڪنامڪ زونز مئنيجمينٽ ڪمپني (SEZMC) پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هڪ ڪامياب بين الاقوامي ٽينڊر پروسيس ذريعي مڪمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ ڪابينا سينٽرل ضلعي جي 15 ڪچي آبادين کي نئين لوڪل ڪائونسل انتظامن تحت حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ڪچيون آباديون ٽائون جو حصو هونديون. ڪابينا عاصم مرتضيٰ کي سي اي او مقرر ڪندي سنڌ پيٽروليم ڪمپني کي فعال ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو.
جنوري 7, 2023