انساني جانيون بچائڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: شرجيل انعام ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر ) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ هميشه اڳڀرائي ڪئي آهي، انساني زندگيون بچائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ اکيون بند ڪري سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. مان چيلينج سان  دعويٰ  ڪري سگهان ته ٿو سنڌ پاڪستان ۾ صحت جي سهولتن ۾ سڀ کان اڳتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ لوڪل ڪاؤنسل ايسوسئيشن پاران مقامي هوٽل ۾پائيدار ترقي جي حدفن  تحت صحت ۽ تندرستي بابت پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو ڪنهن ٻئي صوبي ناھي ڪيو. اسان کي هر حال ۾ انساني حياتين کي محفوظ ڪرڻو آهي،  اسان جي مذهب ۾ اهو به آهي ته جنهن هڪ انسان جي جان بچائي، ان سڄي انسانيت کي بچايو. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ ٿرپارڪر جي حوالي سان شيون سامهون اينديون هيون، سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ۾ صحت کاتي کي وڏي پيماني تي فعال ڪري صحت جي سهولتن کي بهتر بڻايو. هاڻي ٿرپارڪر ۾  موت جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته ترجيحن جو تعين چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي، سائبر نائيف سنڌ ۾ ڪينسر جو مفت علاج ڪري رهيو آهي. صوبي ۾ ضلعي سطح تي اين آءِ سي وي ڊي جو نيٽ ورڪ قائم ڪيو  آهي، اڳ ماڻهو ليور ٽرانسپلانٽ لاءِ پاڙيسري ملڪ ويندا هئا، پر هاڻي گمبٽ ۾ جگر جو مفت علاج موجود آهي، ايس آءِ يو ٽي شاندار خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وڏين خانگي اسپتالن کي به اربين روپين جا فنڊ فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن صوبي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ٿي سگهن، اهو نه ڏٺو ويو ته اهي خانگي شعبي ۾ آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال کي بہ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي، صوبائي وزير چيو ته اطلاعات کاتو صحت جي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي.اخبارن، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون، عوام کي صحت جي مسئلن بابت آگاه ھوندا آهن ،  پر معاشري جو مسئلو اهو آهي ته اهو ان تي عمل نه ٿو ڪري.  هن چيو ته ڪوڊ 19 ايمرجنسي وقت عوام کي خبر هئي ته ڇا ڪرڻو آهي ڇا ناھي ڪرڻو پر اهي احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪندا هئا ماڻهو ماسڪ تائين نہ پائيندا هئا صوبائي وزير چيو ته آگاهي پکيڙڻ فقط حڪومت جي وس جي ڳالھ ناهي.ان ۾معاشري سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن آگاهي کي هيٺين سطح تي برادرين تائين پکيڙي سگهجي.شرجيل انعام ميمڻ سنڌ لوڪل ڪائونسل ايسوسي ايشن ۽ يورپي يونين کي ساراهيندي چيو ته هنن سٺي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته سيد ناصر حسين شاهه جڏهن سکر جو ضلعي ناظم هو، تڏهن هن سنڌ لوڪل ڪائونسل جو ٻوٽو پوکيو ھو.جنهن کي سندس پٽ سيد ڪميل شاهه اڳتي وڌائي رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته عوام جا اصل مسئلا گڏجي ويهڻ سان ئي حل ٿي سگهن ٿا، ترجيحات جو تعين ڪرڻ جي ضرورت آهي، بغير ڪنهن رخ جي هلنداسين ته عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا.تقريب کي خطاب ڪندي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پائيدار ترقي جي نڪتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي.اڄوڪي پاليسي ڊائلاگ ۾ سڄي پاڪستان جا ماڻهو شرڪت ڪري رهيا آهن، سڀني جي نمائندگي آهي، سنڌ حڪومت پاليسي ڊائلاگ جي تجويزن تي عمل ڪندي. تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي سيد علي موسيٰ گيلاني، وڏي وزير جي سيڙپڪاري بابت خصوصي معاون قاسم نويد قمر، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو، ايم پي اي شازيه سنگهار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي معزز مهمانن کي يادگاري شيلڊون پيش ڪيون ويون.

جنوري 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو