پ پ پ – ايم ڪيو ايم اتحاد جو سنڌ تي اثر

Spread the love

گذريل سال جيئن ٻين اتحادي پارٽين تبديلي سرڪار کان راھون جدا ڪرڻ شروع ڪيون ته ايم ڪيو ايم به عمران خان کان منھن ڦيرائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ ايم ڪيو ايم آصف زرداري لاءِ صفا سافٽ ٽارگيٽ ھو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ صرف پيپلز پارٽي ئي ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ ڀائيواري ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ھئي ۽ پ پ ايم ڪيو ايم اتحاد جلدي ٿي ويو ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪامران ٽسوري کي گورنر جو عھدو ملي ويو جنهن پنهنجي پوزيشن جو بهترين استعمال ڪندي ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. هن وقت تائين گورنر ٽسوري ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ۾ فاصلا ته ختم ڪرائي کين هڪ ٽيبل تي ويھارڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. ڪامران ٽسوري جي به اصل ڪامراني تڏھن ٿيندي جڏھن هو پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو. هن وقت تائين ته اهو نظر اچي رھيو آھي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم بحالي ھڪ ٿي ويندا ۽ ساڳئي ايم ڪيو ايم بحال ٿي ويندي. الطاف حسين جي لائين ڪٽجڻ کانپوءِ هن مھل تائين ايم ڪيو ايم جيڪو ڊائون فال ڏٺو آھي ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. سوال اهو آھي ته ڇا ايم ڪيو ايم جي ساڳئي بحالي جي صورت ۾ ڪراچي جون حالتون وري خراب ٿينديون يا شھري هڪ ڀيرو ٻيھر عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويندا. شايد ان جو جواب نه ۾ ڏيڻ في الحال مناسب هوندو ڇو ته ايڏو وڏو ڌڪ کائڻ کانپوءِ جيڪڏھن ايم ڪيو ايم پاڻ کي تبديل ناهي ڪيو ته پوءِ ڪٻڙي جي چيلھ کي قبر به سڌو ناهي ڪري سگهندي واري چوڻي سچ ثابت ٿي پوندي. جيڪڏھن پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم نيڪ نيتي سان ۽ بنا گروھي يا شخصي مفادن جي اتحاد ۾ رھي معاملا فھمي کان ڪم ورتو ته اهو ڪراچي سميت سڄي سنڌ لاءِ بهتر ٿيندو باقي جيڪڏھن ساڳئي روايتي هٺ ڌرمي رهي ته ان جو نتيجو سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجھ نه هوندو. ڪراچي ۾ به هاڻي تيزي سان ڊيموگرافيڪل تبديليون اچي رھيون آھن جيڪي اڳتي هلي ڪينسر جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون ان کي هي ٻئي پارٽيون گڏيل حڪمت عملي سان منھن ڏئي سگهن ٿيون.

جنوري 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو