فرانزڪ رپورٽ عمران خان جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون: شرجيل ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پنجاب فرانزڪ ليب جي رپورٽ عمران خان جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون. هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي پنهنجي حڪومت جي اداري کيس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، فرانزڪ رپورٽ ٻڌائي ڇڏيو ته عمران خان کي 4 گوليون نه لڳيون. هن چيو ته عمران خان کي گولي ۽ ڌات جي ٽڪرا لڳا، رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ڪارڪن معظم جو موت ڪنٽينر تان ايندڙ گولي سان ٿيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ٽڪرا لڳڻ تي ٻن مهينن کان زمان پارڪ ۾ بند آهي، ان مان سندس بهادريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهو ڊڄڻو شخص ڪنٽينر تي چڙهي معصوم پاڪستانين کي اڪسائيندو رهندو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته معمولي رهنڊ کي خوف کان پنجاب حڪومت خزاني جا منهن سيڪيورٽي لاءِ کولي ڇڏيا، پي ٽي آءِ ڪارڪن جي قتل جو پرچو عمران خان ۽ سندس ساٿين تي ڪٽجڻ گهرجي.

جنوري 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو